ڪوٽڙي(ن ع آ) سائيٽ پوليس رات دير سان جسقم اڳواڻ عبدالفتاح چنا جي گهر تي چڙهائيڪري سندس وڏي ڀاءُ مختار چنا کي کڻي وئي، اهڙي طرح قومي ڪارڪنن خالق پنھور ۽ قادر آزاد پنھور جي گهرن تي چڙھايون ڪري 12ھين ڪلاس جي شاگرد محمد يونس پنھور کي به گرفتار ڪيو ويو، جسقم آريسر جي مرڪزي اڳواڻ عبدالفتاح چنا ۽ قادر آزاد پنهور جو چوڻ آھي ته پوليس بلاجواز چڙھائي ۽ گرفتاريون ڪري لاقانونيت ۽ ڏاڍ جو مظاھرو آھي چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو ويو جيڪا سراسر ناانصافي آهي.