خيرپور/فيض گنج (نمائندن وٽان) خيرپور ۽ فيض گنج ۾ قومپرست پارٽين پاران سنڌو درياهه مان 6 ڪئنالن ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي خلاف سخت احتجاج ڪيو ويو. مظاهرين شاه حسين قومي شاهراهه ۽ مهراڻ هاءِ وي تي ڌرڻا هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ڪراچي ۽ پنجاب ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ گاڏين جون قطارون لڳي ويون. احتجاج جي اڳواڻي فرمان سنڌي، دريا خان، ساجد شر، صدام شر ۽ ٻين ڪئي. اڳواڻن چيو ته سنڌو درياهه مان نوان ڪئنال ڪڍڻ سنڌ کي سڪائڻ جي سازش آهي، جيڪا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي. هنن چيو ته ان منصوبي سان لکين ايڪڙ زرعي زمين بنجر بڻجي سگهي ٿي، جيڪو سنڌ جي عوام جو معاشي قتل آهي.