حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد جي ٽنڊوعالم مري ۾ سنڌو درياهه مان 6 تڪراري ڪئنالن ڪڍڻ خلاف جسقم (جيئي سنڌ قومي محاذ) جي ڪارڪنن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي اڳواڻي رحيم کوسو ۽ راول کوسو ڪري رهيا هئا. مظاهرين جو مطالبو هو ته سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کي رد ڪيو وڃي. پوليس ۽ احتجاج ڪندڙن وچ ۾ ڇڪتاڻ ٿي، جتي پوليس ڪارڪنن کي صرف ٽنڊو عالم مري تائين محدود رکڻ چاهيو، پر ڪارڪنن ان کي رد ڪندي سخت نعريبازي ڪندي پريس ڪلب طرف روانا ٿيا. ان دوران پوليس ريلي کي گهانگهرا موري وٽ روڪي ڇڏيو ۽ ڪارڪنن مٿان آنسو گئس جو استعمال ڪيو، جنهن سبب ڀاڳ پئي وئي. مظاهرين خطاب ڪندي چيو ته درياهه ۾ اسان جي جان آهي، ڪيتريون به رڪاوٽون پيدا ڪريو، اسان ڪنهن صورت ۾ ڪئنال ٺاهڻ نه ڏينداسين. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کان درياهه کسيو پيو وڃي ۽ اسان ان جي دفاع لاءِ پنهنجي جان جو نظرانو پيش ڪنداسين.