حيدرآباد: ڪنوينشن جي شروعات لطيف جي وائي سان ڪئي وئي، وائي انو سولنگي پيش ڪئي، ڪنوينشن جي شروعات کان وٺي آخر تائين سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جهڙن منصوبن خلاف سخت نعريبازي ٿيندي رهي. ڪانفرنس وارو هال سنڌوءَ خاطر جھيڙو آ، پاڻي خاطر جھيڙو آ، سنڌوءَ تي ڪينال نامنظور ۽ وفاق تونسان جهيڙو آ جهڙن نعرن سان گوجندو رهيو.
-
ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ رد، نئون پاڻي ٺاهه ڪرڻ جا ٺهراءُ پاس
حيدرآباد: ڊاڪٽرس ڪنوينشن ۾ ڊاڪٽر سورٺ سنڌو ٺهراءٌ پيش ڪيا، قراردادن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته چولستان ڪينال ۽ گريٽر ٿلڪينال فيز 2 سميت ڇھن ئي تڪراري ڪينالن جي رٿائن کي فوري طور ختم ڪيو وڃي، گرين پاڪستان انيشٽو ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ نالي ۾ ليز ٿيل لکين ايڪڙ زمينن کي فوري طور سنڌ حڪومت واپس وٺي، ايس آئي ايف سي ۽ ان سان لاڳاپيل قانون بورڊ آف انيويسٽمينٽ ايڪٽ 2023ع مڪمل طور تي آئين ۽ وفاقيت جي اصولن جي ڀڃڪڙي آھي ۽ نئون ون يونٽ آھي، ان کي فور طور تي ختم ڪيو وڃي .فوري طور سنڌ کي 1991ع جي پاڻي ٺاهه تحت پنھنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي. ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جي ڇوڙ کي يقيني بڻائي ڊيلٽا کي بچايو وڃي. مستقبل ۾ سنڌ پنجاب ۽ ٻين ايڪائين جي وچ ۾ 1945ع جي پاڻي ٺاهه ۽ عالمي اصولن جي روشني ۾ نئون پاڻي معاھدو ڪيو وڃي، جنھن ۾ سنڌو سميت سنڌ طاس جي سڀني درياھن تي سنڌ جو حق تسليم ڪيو وڃي، سنڌ جي اجازت کانسواءِ سنڌ طاس ۾ ڪنھن به قسم جي ڊيم يا ڪئنال اڏڻ تي پابندي مڙھي وڃي. سنڌو درياهه جي قدرتي وھڪرن کي بحال ڪرڻ لاءِ درياهه جا حق تسليم ڪيا وڃن. ارسا ۽ ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ ۾ فيصلا سڀني ايڪائن جي گڏيل راءِ سان ٿيڻ گھرجن، ان لاءِ ارسا ايڪٽ ۽ آئين جي آرٽيڪل 154 ۾ ترميم ڪئي وڃي. 6 ڪينالن تي عدالتن سميت ڪنھن به آئيني اداري پاران سنڌ مخالف فيصلي کي رد ڪيو ويندو. ڇويھين آئيني ترميم سميت پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم کي فور طور ختم ڪيو وڃي. قراردادن ۾ چيو ويو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ڪينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي رٿا ۾ وفاقي سرڪار سان ملوث آهي ۽ سندن ڪينال مخالف کنيل قدمن کي فيس سيونگ سمجهون ٿا. جيڪڏھن پاڪستان پيپلزپارٽي ڪئنالن جي رٿا خلاف آھي ته ھو وفاقي سرڪار کان پارليامينٽ ۾ پنھنجي حمايت واپس وٺي ۽ سنڌ سرڪار ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏنل زمينن کي واپس وٺي.