ملڪ جا قانون دان ڪئنالن خلاف هڪ، اڄ هڙتال ۽ 18 اپريل تي موٽر وي بند ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي.(رپورٽر) ملڪ جا قانون دان سنڌو مان ڇهه ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ڄمي بيهي ويا، هفتي اندر فيصلو واپس نه وٺڻ جي صورت ۾ 18 اپريل تي موٽروي تي ڌرڻو هڻي پنجاب ويندڙ رسد بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. سنڌو دريا تي  6 نوان ڪئنال ٺهن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ زمينون ڏيڻ خلاف آل پاڪستان لائرزاينڊ سٽيڪ هولڊرزڪنوينشن گهرايو ويو.جنهن ۾ سپريم ڪورٽ بار جي صدر ميان رئوف عطا،حيدرآباد بار جي صدر ايازتنيو، جڊيشل ڪميشن جي اڳوڻو ممبر اخترحسين، سنڌ هاء ڪورٽ بارجو صدر سرفراز ميتلو.جنرل سيڪريٽري مرزاسرفرازسميت سمورا عهديددار، سکربار جي قربان ملاڻو ، خيرپور بار جو اڳواڻ گل محمد سهتو، ملير بار جي ارشاد شر، جيڪب آبادبار جي صدر مظفرعلي رند، بيرسٽر ضمير گهمرو، لاڙڪاڻي، حيدر آباد،ميرپور خاص، ٿرپارڪر، نواب شاھ، پشاور، ٽنڊو الهيار سميت ٻين بار جا عهدايدارن ۽ وڪيل شريڪ ٿيا. ڪنوينشن کي خطاب ڪندي وڪيلن اڳواڻن جو چوڻ هو ته سڀئي وفاقي يونٽ گڏجي پاڪستان جا مسئلا حل ڪري سگهن ٿا. هنن  چيو ته اسان جي بالڪل واضح انداز ۾ حڪمرانن کي ٻڌايون ٿا ته اوهان کي ڪئنال گهرجي يا پاڪستان. هنن چيو ته 1901ع  کان وٺي پنجاب ۽ سنڌ ۾ پاڻي بابت تڪرار ٿيندا رهيا آهن. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ به پاڻي جا اهي مسئلا برقرار آهن. وڏن ۽ ننڍن زميندارن ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هنن چيو ته اسان کي گڏجي ويهڻ ۽ پنهنجن سياسي ۽ معاشي مسئلن جو حل ڳولڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جو اعتراض اهو آهي ته جيڪو به معاهدو ٿئي ٿو، ان تي عمل نه ٿو ٿئي. هنن چيو ته عالمي قانون مطابق پڇڙي کي پاڻي جو وڌيڪ حق ڏنو ويو آهي پر هتي پاڻي نه ٿو ملي هي سنڌ کي سڪائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي .اسان ڪهڙي صورتحال ۾ سنڌ کي سڪائڻ نه ڏينداسين .هنن چيو ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه ٿو وڃي ، سمنڊ ۾ دريا جو پاڻي ڇوڙ نه ٿو ٿئي جيڪڏهن ڊيلٽا ۾ پاڻي نه ويو ته سنڌ تباهه ٿي ويندي 1991 واري ٺاھ تي عمل نه پيو ڪيو وڃي. هي سنڌ جون حالتون خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. اسان کي مجبور نه ڪيو وڃي ته اسان هٿيار کڻڻ تي مجبور ٿي وڃون .اسان بالڪل اهڙي طرح جهدوجد ڪرڻ پوندي جنهن اسان ڪالاباغ ڊيم ۽ وڪيلن جي تحريڪ ۾ ڪئي هئي .هنن چيو ته جيڪڏهن اسان کي پاڻي نه ملندو ته اسان جون زمينون پر جانين کي به نقصان ٿيندو، هن سان انسان پکي ء جانور به متاثر ٿيندا ، اسان پوري سنڌ جا وڪيلن ڪئنالن واري معاملي تي گڏ آهيو، پاڻي نه هتي جانور به مري رهيا آهن. اسان روڊن تي احتجاج ڪري رهيا آهيون ڪئنالن کان علاوه زمين به هنن کي ڏني پئي وڃي. اسان جو مطالبو آهي ڪينالن جو منصوبو ختم ڪيو وڃي نه ته اسان پنجاب جا رستا بند ڪنداسين هنن ڇيو هتي پاڻي صرف سنڌ نه پوري پاڪستان جو معاملو آهي وڌي زميندار کي پاڻي ملي رهيو آهي باقي پيئڻ جي لاءِ به پاڻي نه آهي .وڪيلن جي عهديدارن چيو ته ڪارپوريٽ جي نالي زمينن کي انٽرنيشنل ڪمپيني کي ٺيڪو ڏئي اسان کي تباهه ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته آئين ۽ قانون موجب هي سرڪاري زمينون آبادگارن ۽ هارين کي ڏنيون وڃن ته پنهنجي ڪم ڪري سگهن .هنن چيو ته اسان ڪهڙي به صورتحال ۾ ڪينال ٺهرانه ڏينداسين اسان جي زندگي ۽ موت جو سوال آهي. سنڌ صرف هڪ درياهه جو نالو ناهي، اهو هڪ پوري تهذيب جو نالو آهي. اسان پنهنجي تهذيب جي ڪنهن به دشمن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. اسان جو تڪرار پنجاب سان ناهي. اسين سنڌو درياهه جي حفاظت لاءِ گڏ ٿيا آهيون. هن چيو ته زمين مقامي ماڻهن جو حق آهي. ڪارپوريٽ فارمنگ جي بدران مقامي ماڻهن کي زمين ڏني وڃي. جيڪڏهن هڪ هفتي اندر ڪينال جي تعمير بند نه ڪئي وئي ته 18 اپريل تي موٽر وي بلاڪ ڪيو ويندو.  هڪ هفتي ۾ ڪينال جي تعمير مڪمل نه ٿي، موٽر وي 18 اپريل تي بند ڪيا ويندا. ان وقت ڪنوينشن ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو ويو ته لاڪ ڪنوينشن ڇهن ڪينالن کي رد ڪري ٿو.  ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڪا به زمين نه ڏني وڃي.  جيڪڏهن زمين ڏيڻي آهي ته اها مقامي ماڻهن کي ڏني وڃي. 1991-1992 جي پاڻي جي ورڇ واري معاهدي تي نظرثاني ڪئي وڃي. ارسا جي جوڙجڪ آئين، قانون ۽ عدالتي فيصلن جي مطابق ٿيڻ گهرجي. ارسا جو ٺهڻ غير قانوني آهي. پنجاب ۾ ڪينالن جي تعمير غير آئيني ۽ غير قانوني آهي. وفاقي حڪومت کي عدالتي فيصلن موجب اڏاوت بند ڪرڻ گهرجي. پاڻي جي موجودگي جو سرٽيفڪيٽ غير قانوني آهي. وڪيلن جي ڪنوينشن ڇهن ڪينالن کي متفقه طور تي رد ڪري ڇڏيو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.