اين ايف سي بابت صوبائي ناڻن وارن وزيرن جي ويهڪ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو/م ڊ) سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي قومي مالياتي ڪميشن ايوارڊ جي معاملي تي چئني صوبائي ناڻي واري وزيرن کي طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي آن فنانس جو اجلاس ايندڙ هفتي سڏائڻ جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مرڪزي حڪومت صوبن ڏانهن منتقل ڪيل کاتن کي فنڊ فراهم ڪرڻ نٿي چاهي. ڪي پي حڪومت جي دعويٰ آهي ته فاٽا ضلعن جي ضم ٿيڻ کان پوءِ صوبي جي آبادي ۾ اضافو ٿيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.