حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر دلدار لغاري، نور نبي پليجي ۽ ايڊووڪيٽ اياز ڪلوئي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آھي ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ سئو سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آھي، سنڌ ۾ موجوده هٿرادو پاڻي جي کوٽ جي ڪري 80 لک ايراضي تي بيٺل فصل لاءِ پاڻي جو سو سيڪڙو گھٽ ٿي وڃڻ سنڌين جو معاشي قتل آھي ۽ ان صورتحال جي باوجود وفاق ۽ پنجاب جي حڪمرانن طرفان سنڌو درياھ مان ڇھه ڪئنال ڪڍڻ سنڌي ماڻھن جي نسل ڪشي ڪرڻ برابر آھي جيڪو عمل نه صرف انٽرنيشنل قانون پر انسانيت جي به خلاف آھي، ٻئي طرف ڪراچي بار ايسوسئيشن جي صدر ايڊووڪيٽ عامر نواز وڙائچ ۽ سينيئر صحافي زاهد راڄپر تي ٿيل قاتلاڻي حملي جي مذمت ڪندي اڳواڻن چيو آهي هڪڙي پاسي ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڇهه نوان ڪئنال ٺاهي سنڌ جو پاڻي بند ڪيو پيو وڃي ته ٻي طرف سنڌ جي اديبن، شاعرن ۽ وڪيلن تي قاتلاڻا حملا ڪرائي سنڌي قوم جي جدوجهد کي ختم ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي.