لاهور(م ڊ) مسلم ليگ ن جي سربراهه نواز شريف بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير مالڪ بلوچ کي بلوچستان جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي مسلم ليگ ن جي صدر نواز شريف سان اڳوڻي وزيراعليٰ بلوچستان ۽ نيشنل پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر عبدا مالڪ بلوچ جاتي عمره ۾ ملاقات ڪئي. لاهور ۾ ٿيل ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن بلوچستان بابت خيالن جو ڏي وٺ ڪئي. نواز شريف بلوچستان جي سياسي ۽ معاشي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ چيو ته نواز شريف ۽ ٻي قيادت اسان کي رواجي طريقي سان آجيان ڪئي، بلوچستان جي سياسي معاملا تي اسان تفصيل سان ڳالھه ڪئي آهي. هن چيو ته نواز شريف کي چيو آهي ته هو بلوچستان اچن ۽ سياسي اڳواڻن سان ملاقات ڪن، نواز شريف بلوچستان جي معاملي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهن ۽ اسان جي درخواست تي نواز شريف چيو آهي ته هو بلوچستان جو دورو ڪندو. مالڪ بلوچ چيو ته اسان نواز شريف کي چيو آهي ته بلوچستان جي صورتحال تي توهان جو ڪردار انتهائي اهم آهي، اميد آهي ته هو 2013 جي وانگر هن ڀيري به بلوچستان جي مسئلن جي حل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. ن ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو ته ڊاڪٽرعبدالمالڪ بلوچستان جي مسئلن کان مسلم ليگ ن جي قيادت کي آگاهه ڪيو. نواز شريف ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ کي پنهنجو سياسي ڪردار ادا ڪرڻ جويقين ڏياريو. اسان نواز شريف کي بلوچستان اچڻ ۽ سياسي اڳواڻن سان ملڻ لاءِ چيو آهي. نواز شريف بلوچستان جي مسئلي تي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ اسان جي درخواست تي، نواز شريف چيو آهي ته هو بلوچستان جو دورو ڪندو. عبدالمالڪ بلوچ چيو ته اسان نواز شريف کي ٻڌايو ته بلوچستان جي صورتحال ۾ سندس ڪردار تمام اهم آهي . مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجه سعد رفيق چيو ته ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ مسلم ليگ ن جي قيادت کي بلوچستان جي مسئلن کان آگاهه ڪيو ۽ نواز شريف کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي درخواست ڪئي.