ڪئنالن خلاف عدالتن جو بائيڪاٽ، مظاهرا، ڪمون شهيد وٽ ڌرڻي جو وچن

ڪراچي/ حيدرآباد (نمائندا) سنڌو درياهه مان 6 تڪراري ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪراچي بار جي صدر عامر وڙائچ تي حملي خلاف سنڌ ۾ وڪيلن پاران عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا،ڪراچي بار جي صدر عامر وڙائچ تي حملي خلاف سٽي ڪورٽ ۾ جنرل باڊي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪراچي بار جي صدر  عامر نواز وڙائچ خطاب ڪندي چيو ته توهان ڊڄڻا آهيو،  اهڙا ڪم ڪنهن کدڙي کي به ڏيندا ته اهو به ڪري وٺندو، جڏهن کان اسان 12 اپريل تي ڪمون شهيد بارڊر بند ڪنداسين، 72 ڪلاڪن ۾ مطالبا نه مڃيا ويا ته ريلوي ٽريڪ به بند ڪنداسين، جيستائين ڪئنالن واو فيصلو واپس نه ورتو ويندو ڌرڻي تان واپس نه اينداسين، ڀلي جانيون به هليون وڃن، ڪئنالن جو معاملو صرف سنڌ جو پر پنجاب جو به مسئلو آهي، ڪئنال ڪڍڻ سان پنجاب به متاثر ٿيندو، سنڌ ۽ پنجاب جي زراعت تباهه ٿي ويندي صرف ڪارپوريٽ فارمننگ جي زراعت بچندي، عامر وڙائچ چيو ته حملو ڪرائيندڙ پاڻ سامهون اچن، حملو ڪئنالن واري منصوبي کان هٿ کڻائڻ لاءِ ڪيو ويو آهي، اسان ڪنهن به صورت پنهجي مقصد کان پوئتي نه هٽنداسين، 12اپريل تي اسان جو ڪنوينشن آهي، ان هڪ ميسيج ڏنو ويندو ته اسان ڊڄڻا وارا ناهيو، ملير بار اڳواڻ اياز چانڊيو ۽ اشرف سمون خطاب ڪندي چيو ته هڪ طرف اسٽبلشمينٽ ته ٻئي طرف سنڌ جو عوام ۽ وڪيل آهن، ڇهن ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ معاملو صرف سنڌ جو نه پر سموري ملڪ جو آهي، ملڪ جي وسيلن تي قبضا ٿي رهيا آهن، زمين هارين کي ڏيڻ بدران ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي ٻين کي ڏني پئي وڃي، پ پ جيڪڏهن سنڌ جي عوام سان گڏ آهي ته پوءِ وفاقي حڪومت جو حصو ڇو آهي؟ حملو عامر نواز وڙائچ تي نه پر سمورن وڪيلن تي ڪيو ويو آهي .جنرل باڊي اجلاس ۾ وڪيل نعيم قريشي جو خطاب ڪندي چيو ته عامر نواز وڙائچ تي حملي ڪندڙن جي به خبر آهي ۽ اها به خبر آهي ۽ ان حملي جي پويان ڪير آهي؟ اسان جو مطالبو آهي حملي جي جوڊيشل انڪوائري هاءِ ڪورٽ جي جج کان ڪرائي وڃي، پيڪا ايڪٽ ذريعي ميڊيا جو آواز ڌٻايو پيو وڃي، سنڌ جي پاڻي لاءِ وڙهنداسين ۽ مرنداسين، سعيد عباسي چيو ته آئيني حڪومت ۾ هر هڪ غير آئيني عمل جي سخت لفظن جي مذمت ڪريون ٿا، سنڌو درياهه تي 6 ڪئنال قبول نه ڪنداسين، ٻي پاسي ڪراچي  ۾ سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي جزوي هڙتال ڪئي وئي، صبع ڪجهه دير لاءِ دوزارن کي بند ڪيو ويو بعد کوليا ويا، جڏهن ججن پنهنجي ڪورٽس معمول جي موجب هلائي، ڪورٽس ۾ وڪيلن جو تعداد گهٽ رهيو، جڏهن ته سٽي ڪورٽ ۾ به جزوي هڙتال رهي، سنڌهاءِڪورٽ بار جي جنرل سيڪريٽري مرزا سرفراز احمد چيو ته اسان جنرل باڊي اجلاس ۾ آئنده جو لائحه عمل طي ڪنداسين، حيدرآباد جي وڪيلن ڪورٽن جو بائيڪاٽ ڪري سيشن ڪورٽ ۾ احتجاج ڪيو. ان موقعي تي وڪيلن چيو ته عامر وڙائچ تي نامعلوم ماڻهن ڪئنالن خلاف احتجاج ڪرڻ تي حملو ڪيو آهي، سنڌو درياهه تي ڪنهن به قسم جو ڊيم قبول ناھي، اسين درياهه تي ڪو به ڪينال ٺاهڻ نه ڏينداسين، اسين سنڌ-پنجاب جو بارڊر بند ڪنداسين، مٺي ۾ ٿرپارڪر بار ايسوسيئشن پاران صدر موهن لال منٺاراڻي، نائب صدر ظهير الدين نهڙي، ڪنور امر جي اڳواڻي ۾  بار روم کان مائي ڀاڳي چوڪ تائين ريلي ڪڍي ويئي، جنهن ۾ منور ساگر، قربان سميجو، مصطفيٰ هنڱورجو، مولابخش بجير، موهن لال ڀيل، سبحان سميجو، لو چنداڻي، روپچند ريگستاني، شوڪت سنڌي، وشال شرما، ديال صحرائي، ڪندن مالهي، ڪيولرام گوماڻي، عاشق بجير سميت ٻين وڪيلن پڻ شرڪت ڪئي، نوابشاهه ضلعي جي سمورن ماتحت عدالتن دوڙ، سڪرنڊ، دولتپور، قاضي احمد بار ۾ عدالتي ڪارروائين جو مڪمل بائيڪاٽ ڪيو ويو، نوابشاهه ۾ بار صدر علي رضا چنا، نعيم منگي، رحيم لاشاري، سائين بخش زرداري، مختيار رند جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، خيرپور ۾ ڊسٽرڪٽ بار طرفان خيرپور، ڪوٽڏيجي، ميرواهه، فيض گنج، نارا، گمبٽ، راڻيپور، سوڀوديرو، ڪنگري ۽ پيرڳوٺ ۾ وڪيلن طرفان عدالتي ڪاروائين جو مڪمل بائڪاٽ ڪيو ويو جڏهن ته خيرپور ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر ايڊووڪيٽ اعجاز علي چانڊيو، الطاف حسين مري، حميل رفيع مهيسر، عمار علي شاهاڻي، عبدالغني ابڙو، اظهر علي مزاري جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، گهوٽڪي ۾ ڊسٽرڪٽ بار گهوٽڪي طرفان ايڊووڪيٽ لياقت علي ملاڻو، عرض محمد پهنيار، واحد بخش ڀٽو، بشير احمد ملاڻو، عاشق علي پٺاڻ، زاهد اقبال جٽ، فقير محمد ٽانوري ۽ ٻين جي اڳوڻي ۾ عدالتي ڪارواين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ميرپورماٿيلو ۾ عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري وڪيل منصور علي ڪورائي، سعيد احمد چاچڙ، اويس پتافي، راشد علي شر، شمس الدين ڪوڀر، علي مراد ملاڻو، شھزادو چاچڙ، اعجاز پتافي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، لاڙڪاڻي ۾ تڪراري ڪئنالن توڙي ڪراچي بار جي صدر مٿان ٿيل قاتلاڻي حملي خلاف ريلي ڪڍي قائد عوام پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئشن لاڙڪاڻي جي صدر ايڊووڪيٽ اطهر عباس سولنگي، نور الدين مهيسر، آصف حسين چانڊيو، غلام محمد باريجو، ڪامران علي ڳورڙ، ممتاز ويسر، ساجد مهيسر، شبير جتوئي، حبيب الله غوري ۽ ٻين چيو ته وفاق کي ڪنهن به صورت ۾ سنڌو درياھ مٿان ڌاڙو هڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.