حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ آبادگار اتحاد جو اجلاس صدر نواب زبير احمد ٽالپر جي صدارت ۾ مرڪزي آفيس ۾ ٿي گذريو، جنھن ۾سنڌو درياهه تي ڌاڙي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي تي بحث ڪيو ويو، اجلاس ۾ سنڌ آبادگار اتحاد پاران ٽنڊي محمد خان ۾ سنڌو درياهه تي ڌاڙي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف 18 اپريل تي ريلي ڪڍي ڀرپور احتجاج جو اعلان ڪيو ويو، جنھن لاءِ سڀني کي شرڪت جي ڀرپور اپيل پڻ ڪئي وئي آھي، اجلاس ۾ اھو به فيصلو ڪيو ويو ته انھن منصوبن خلاف 4 مئي آچر جي ڏينھن تي حيدرآباد پريس ڪلب آڏو علامتي بک هڙتال ڪئي ويندي، اجلاس ۾ آبادگارن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو ته پيرينل ڪئنالن تي سارين جي پوکي تي پابندي لڳائي وڃي، ھنن سنڌ حڪومت کان اھو به مطالبو ڪيو آهي ته ڪڻڪ جو موجوده اگھه واري ۾ ناھي جيڪو آبادگارن لاءِ نقصانڪار آھي ۽ آبادگار جو معاشي قتلام ٿي رھيو آھي. ڪڻڪ جو سرڪاري اگھه گھٽ ۾ گھٽ 4500 روپيا في مڻ مقرر ڪيو وڃي. ھنن چيو ته پنجاب حڪومت سرڪاري سطح تي اعلان ڪري ڇڏيو آھي ته ڦٽي جي پھرين مرحلي واري پوکي 8 لک ايڪڙن تي مڪمل ڪئي وئي آھي ۽ 30 اپريل تائين مڪمل ڪرڻ جو اعلان به ڪري ڇڏيو آھي. ھنن چيو ته ھڪ طرف ھڪ ئي ملڪ جي ھڪ صوبي ۾ ڦٽيءَ جي پوکي مڪمل ٿيڻ واري آھي جڏھن ته سنڌ ۾ 10 سيڪڙو به پوکي نه ٿي سگھي آھي. سنڌ پوکي جي مناسبت سان پنجاب کان آڳاٽي رھي آھي. ھنن چيو ته پنجاب حڪومت سال ۾ سارين جا ٻه فصل ھڻڻ جي اجازت به ڏني آھي ته مٿان سارين جي غيرقانوني آڳاٽي پوکي جي به اجازت ڏئي ڇڏي آھي. جنھن جي مذمت ڪجي ٿي. سنڌ آبادگار اتحاد وڌيڪ چيو ته ڪراچي لاءِ سسٽم ۾ پاڻي 600 ڪيوسڪ آھي. ارسا ان ۾ اضافو ڪندي 900 ڪيوسڪ ڪيو ھو. پر اھو پاڻي به ڪراچيءَ جي پورت نه پيو ڪري سگھي. جڏھن ته مطالبو ڪيو ويو ھو ته ڪراچي جو پاڻي 1200 ڪيوسڪ جو ھو جنھن لاءِ ارسا سرٽيفڪيٽ ڏيڻ لاءِ تيار ناھي ۽ ساڳئي وقت چولستان منصوبي لاءِ 4000 ڪيوسڪ پاڻي جي اجازت ڏئي ڇڏي آھي. جيڪو ٻٽو معيار آھي. سنڌ آبادگار اتحاد پاڪستان ڪسان اتحاد پنجاب جي بيان جي به سختي سان مذمت ڪندي چيو آھي ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جو ڇوڙ ضروري آھي ڇاڪاڻ ته سنڌ جي ڊيلٽا تباھي جي ڪناري تي آھي. ڊيلٽا ۾ به انساني آبادي رھي ٿي. ان پاڻي کي زيان قرار ڏيڻ احمقاڻو عمل آھي. اجلاس ۾ ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر عامر نواز وڙائچ تي حملي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي.