اسان کي سخت قدم کڻڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي: مولانا راشد سومرو

خانپورمهر (رپورٽ: ميهر مهر) خانپور ويجهو ڳوٺ شريف مھر ۾ تاجدار مدينه و سنڌو بچايو ڪانفرنس ٿي گذري، جنهن ۾ مولانا راشد محمود سومرو، مولانا عبدالقيوم ھاليجوي، مولانا عبدالقادر ھاليجوي، مولانا عبدالله مھر، مولانا گل حسن زنئور، مولانا مفتي محمد طاھر ھاليجوي، مولانا محمد امجد خان سميت ڪارڪنن ۽ علائقي واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي مولانا راشد محمود سومرو خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  سنڌو درياهه مٿان تڪراري ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهن، سنڌو درياهه سنڌ وارن جي ملڪيت آهي، جي يو آءِ سنڌ جي حقن جي حاصلات جي جنگ وڙهي آهي ۽ وڙھندي رھـندي، هن چيو ته اسين ٻئي مرحلي ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڏا جلسا ڪري عوام کي سجاڳ ڪنداسين، اسان کي سخت قدم کڻن تي مجبور نه ڪيو وڃي، وفاق پنهنجو فيصلو واپس وٺي، مجبورن سنڌ پنجاب بارڊ بند ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.