سنڌو بچائڻ لاءِ سموريون ڌريون هڪ ٿي ويون، 19 اپريل تي حيدرآباد ۾ مارچ جو اعلان

ڄامشورو( رپورٽ: صدر الدين جوڻيجو) سنڌو درياهه بچايو ڪميٽي پاران 19 اپريل تي حيدرآباد ۾ احتجاجي مارچ ۽ ڌرڻي جو اعلان ڪيو ويو آهي. سنڌو درياهه تي ڪينالن جي تعمير، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جون زمينون ڌارين حوالي ڪرڻ واري وفاقي فيصلي ۽ سنڌ دشمن منصوبن خلاف جاري جدوجهد کي وڌيڪ تيز ڪرڻ لاءِ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ميزباني هيٺ جي ايم سيد ايڊيفيس ڄامشورو ۾ سمورين سياسي پارٽين جو مشاورتي اجلاس ٿيو، اجلاس جي صدارت سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه ڪئي، اجلاس ۾ جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر صفدر عباسي، سردار عبدالرحيم، حسنين مرزا،جسقم اڳواڻ اسلم خيرپوري، وڪيل اڳواڻ ايڊووڪيٽ ڪي بي لغاري، قومپرست اڳواڻ نواز خان زئور، جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، جيئي سنڌ محاذ اڳواڻ پنهل جمالي، ايس يو پي اڳواڻ روشن ٻرڙو، جي يو آئي اڳواڻ مولانا تاج محمد ناهيون،  تاج مري، عوامي ورڪر پارٽي اڳواڻ بخشل ٿلهو، سنڌ صحافي اتحاد اڳواڻ نعمت کهڙو، مرزا ظفر خان بروهي، ڊاڪٽر بدر چنا، بشير شاهه، مسرور سيال، حيدر شاهاڻي، سليمان ڀلائي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌو درياهه جي پاڻي تي قبضي خلاف مستقبل جي حڪمت عملي ۽ 6 نون واهن جي تعمير خلاف گڏيل احتجاجي تحريڪ هلائڻ تي اتفاق ڪندي 19 اپريل تي درياهه بچايو يڪجهتي مارچ جو اعلان ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڪراچي بار جي صدر عامر وڙائچ تي ٿيل حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي ۽ گهر ڪئي وئي ته حملي آورن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي. اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه جو چوڻ هو ته سڄي سنڌ ۾ درياھ کي بچائڻ لاءِ سنڌ جو ٻچو ٻچو گهران نڪتل آهي، سنڌو ندي جي محبت سموري سنڌ کي هڪ ڪري ڇڏيو آهي. زين شاهه چيو ته حڪمرانن هڪ منصوبو ڪمپنين جي فائدي ۽ عوام جي نقصان لاءِ جوڙيو آهي، صدر پاڪستان آصف علي زرداري 6 ڪينالن جي منظوري ڏئي منصوبي جو ڪم شروع ڪرايو. هن چيو ته جيڪي جماعتون سنڌو درياهه بچايو تحريڪ ۾ شامل نه هيون، انهن کي به هاڻي شامل ڪيو ويو آهي، اڄوڪي گڏجاڻي ۾ وفاقي، صوبائي، قوم پرست ۽ مذهبي جماعتون به شريڪ ٿي ويون آهن، هن تحريڪ دوران جلد ئي درياھ بچايو مشاورتي ڪائونسل ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويندو. سيد زين شاهه صحافت تي ڳالهائيندي چيو ته پيڪا قانون ذريعي صحافت تي ڪنٽرول ڪيو پيو وڃي، سنڌو درياهه بچائڻ واري تحريڪ ۾ صحافين جو وڏو حصو آهي، 26هين ترميم ۽ پيڪا قانون ان لاءِ ٺاهيا ويا آهن ته صحافين کي ڪنٽرول ڪيو وڃي، صحافي منيب انڍڙ تي ڪيس داخل ڪرڻ جي مذمت ڪيون ٿا. سيد زين شاھ چيو ته سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف سگنيچر مهم کي پذيرائي ڏني ويندي، 19 اپريل تي درياھ بچايو يڪجھتي مارچ ڪيو ويندو، ڪينالن جو خاتمو چاهيو ٿا ته وزير اعظم ان جو اعلان ڪري نوٽيفڪيشن رد ڪري، سنڌ جا گهڻ گهريا اسان جي هن مطالبي کي تسليم ڪن ٿا ته اسان جي تحريڪ سنڌو جي تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ، تحريڪ دوران ڪابه جماعت هڪٻئي خلاف سوشل ميڊيا تي مخالفت نه ڪندي.. ان موقعي تي جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر صفدر عباسي جو چوڻ هو ته آصف زرداري جي حڪمت عملي وائکي ٿي چُڪي آهي، هاڻي ڪابه سياست نه هلندي، هاڻي درياھ جي تحريڪ کي قوم پرستي جي آڙ ڏئي ماٺو نه ٿو ڪري سگهجي. ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته پير پاڳارو جي ڊي اي جو سربراھ آهي ۽ جي ڊي اي سان لاڳاپيل سموري قيادت هتي موجود آهي. پريس ڪانفرنس ۾ شهاب اوستي ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت جو نمائندو وفاق ۾ هجڻ گهرجي، پٽيشن ان لاءِ هئي، پٽيشن واري مرحلي ۾ ڪئنالن جو معاملو حل نه ٿي سگهندو، اسان سي سي آئي کي به نه ٿا مڃون، سي سي آئي اسان جو ڪو به انصاف نه ڪيو هاڻي هي اسان جي حقن جي ڳالهه آهي، اسان هي معاملو هاڻي عوام ۾ کڻي آيا آهيون، ڇو ته هي زندگي ۽ موت جو معاملو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.