حيدرآباد-سکر موٽروي جو ڪم جلد شروع ڪيو ويندو، وزيراعظم جي خاطري

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته حيدرآباد-سکر موٽروي جو ڪم جلد شروع ڪيو ويندو، وزيراعظم شهباز شريف وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي هڪ خط لکي حيدرآباد-سکر موٽرو جي تعمير بابت آگاهه ڪيو، شهباز شريف پنهنجي خط ۾ چيو ته موٽروي رٿا بابت سنڌ جي خدشا جائز آهن ۽ هن جي ذاتي دلچسپي آهي ته سکر حيدرآباد موٽروي جو ڪم جلد مڪمل ڪيو وڃي، هن وڌيڪ چيو ته حيدرآباد سکر موٽروي کي جلد پي ايس ڊي پي (پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگرام) جو حصو بڻايو ويندو، ياد رهي ته وڏي وزير 14 جنوري تي وزيراعظم شهباز شريف کي حيدرآباد – سکر موٽروي جي تعمير بابت خط لکي چيو هو ته هن موٽروي جي تعمير ملڪ جي ترقي لاءِ انتهائي اهم آهي، موٽروي نه هجڻ سبب ٽريفڪ جي رواني ۾ مشڪلاتون پيدا ٿي ويون آهن، مسلم ليگ (ن) اتحادي حڪومت هوندي سنڌ سان ناانصافي ڪئي آهي، وفاقي حڪومت اين ايڇ اي بجٽ جو 38 سيڪڙو پنجاب تي خرچ ڪندي، جڏهن ته سنڌ لاءِ صرف 4 سيڪڙو رکيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.