تڪراري ڪئنالن خلاف هلندڙ پُرامن جدوجهد کي پُر تشدد بڻائڻ جي سازش

سنڌو درياهه مان ڇهه نوان ڪئنال ڪڍڻ واري وفاق جي فيصلي خلاف  سڄي سنڌ سراپا احتجاج ته بڻيل آهي ئي پر ان فطرت مخالف ۽ ماحول دشمن فيصلي خلاف  سرائيڪي وسيب توڙي  پنجاب جا ترقي پسند اديب ۽ عام آبادگار به مخالفت ڪري رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته نوان ڪئنال ٺهڻ سان سرائيڪي وسيب جا ماڻهو، جيڪي اڳ ۾ ئي تمام گهڻا متاثر  ۽ مظلوم بڻيل  آهن، جن جي گهڻي ڀاڱي  قومي ۽ تاريخي سڃاڻپ به کسجي چڪي آهي، ۽ سندن وڏن شهرن تي پڻ غير سرائيڪين جو قبضو ٿي چڪو آهي، ان لاءِ صادق آباد، رحيم يار خان، راجن پور،  بهاول پور،  بهاول ننگر توڙي ملتان مڪمل  طور تي  غير سرائيڪين جي تسلط هيٺ اچي چڪا آهن، اسان کي مٿي ڄاڻايل شهرن جي ٻهراڙين ۾ رڳو  سرائيڪي ڳالهائيندڙ ۽  سرائيڪي ڪلچر نظر ايندو آهي، باقي  هو پنهنجي وڏن شهرن مان مڪمل طور تي تڙجي چڪا آهن. نوان ڪئنال ٺهڻ سان  سنڌو درياهه جي پاڻي تي سر سبز ٿيندڙ  سرائيڪي وسيب جي سرزمين جو متاثر ٿيڻ به يقيني آهي، ۽ انهن تڪراري منصوبن جي امڪاني نقصان کي اتان جا باشعور  ماڻهو به، سنڌ جي ماڻهن جيان پنهنجو تاريخي ۽ قومي نقصان تصور ڪري  ان جي ڀرپور مخالفت ڪري رهيا آهن.

سوشل ميڊيا تي پڻ اهڙا ڪيترائي ويڊيوز وائرل ٿي چڪا آهن، جنهن ۾ پنجاب جا ماڻهو کليل  لفظن ۾ نه رڳو  نون ڪئنالن جي مخالفت ڪندي ڏٺا ويا آهن، پر انهن اهو پڻ واضح ڪيو ته اها طاقتور ڌرين جي سازش آهي ته ننڍن صوبن جي عوام کي پنجاب جي عام ماڻهن سان وڙهايو وڃي، انهن اهو به چيو ته نوان ڪئنال ٺهڻ سان پنجاب جي عام آبادگار کي ڪو به فائدو نه ٿيڻو آهي، ڇاڪاڻ ته  نون ڪئنال جي پاڻي سان جيڪا زمين  آباد ڪرڻ جو منصوبو رٿيو ويو آهي، اها زمين ڪنهن عام پنجابي آبادگار جي نه پر ملٽي نيشنل ڪمپنين  ۽ طاقتور ماڻهن جون زمينون آهن، پر ننڍن صوبن جو عوام اهو سمجهندو ته اسان جي حصي جو پاڻي پنجاب چورائي رهيو آهي، ان عمل جو ننڍن قومن پاران جيڪو ردعمل اچڻو آهي اهو يقينن نه ته  عام پنجابي لاءِ سٺو ثابت ٿيندو ۽ نه ئي خود وفاق لاءِ به- طاقتور ماڻهن جي غلط فيصلن سبب تقريبن روز جي بنياد تي بلوچستان مان پنجاب جي شهرين جا لاش اچڻ لڳا آهن،  ان لحاظ کان بلوچستان اڄ پنجاب جي شهرين لاءِ قتل گاهه بڻجي چڪو آهي، جتي پنجاب جو ڪارڊ موت جو ڪارڻ بڻيل آهي. ان سڄي عمل پٺيان ڪنهن به  عام پنجابي جو هٿ هرگز ناهي پر انهن طاقتور ماڻهن جو ڪڌو ڪردار لڪيل آهي جيڪي ملڪ جي ٻين شهرين جيان پنجاب جي شهرين جي روزگار  تي پڻ قبضو ڄمائڻ لاءِ سرڪاري سروس ۾ هجڻ جي باوجود به مختلف خانگي ڪاروبار ڪري رهيا آهن، جن تي رڳو عام ۽ سول ماڻهن جو حق آهي. ان لاءِ  اسٽيبلشمينٽ جي غلط پاليسين ۽ غير سياسي فيصلن سبب اسان نٿا چاهيون ته سنڌ جي پرامن ۽ سلامتي واري سرزمين اسان لاءِ بلوچستان جيان قتل گاهه بڻجي وئي.جتي پنجابين جو تمام وڏو تعداد آباد آهي ۽ بنا ڪنهن خوف خطري جي پنهنجو روزگار ڪري رهيا آهن. ان لاءِ اسان سنڌو درياهه تي ڌاڙي خلاف سنڌ جي ماڻهن سان جدوجهد ۾ گڏ آهيون.

اسان پنجاب جي حق پرست ماڻهن توڙي ترقي پسند اديبن جي اهڙن خيالن جو خير مقدم ڪريون ٿا، ۽ ان سان گڏ انهن ماڻهن جي نفرت انگيز بيانن جي به ڀرپور مذمت ڪريون ٿا، جيڪي اهو سڀ ڪجهه ڄاڻيندي به ته سنڌ سڄي ٻري رهي آهي، پر اهي سياسي ماڻهو ۽ وفاقي جماعت جا اڳواڻ هجڻ جي باوجود به حالتن جي نزاڪت کي سمجهندي پاڻي وجهڻ جي بجاءِ ٻرندي تي تيل هارڻ وارو ڪم ڪري رهيا آهن ۽  چڙ ڏياريندڙ بيان ڏئي ماحول کي وڌيڪ خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.سنڌ جا ماڻهو گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان تڪراري ڪئنالن خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهن، جيڪي احتجاجي ريلين، ميڙاڪن، لانگ مارچن توڙي هڙتال ڪري تڪراري منصوبن کي مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي، جمهوري اصولن تحت وفاق کي سنڌ جي ماڻهن جي راءِ جو احترام ڪندي تڪراري منصوبن کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ گهرجي ها، پر  وفاقي سرڪار ڪئنالن جي اڏاوت تي بضد آهي ۽ اها ڪنهن به طرح پنهنجي هوڏ تان لهڻ لاءِ تيار نظر نٿي اچي.

سياسي فيصلا جڏهن تڪراري بڻجي ويندا آهن، ته اهي واپس به ورتا ويندا آهن ۽ ان ۾ ڪير به پنهنجو گهٽتائي يا شڪست ناهي سمجهندو، ان کي ضد ۽ انا جو مسئلو نه بڻايو ويندو آهي. اهو جمهوري اصول پڻ آهي، جيڪو ملڪ جي عوام کي پاڻ ۾ ڳنڍي رکندو آهي،  پر نون ڪئنالن وارو معاملو سياسي فيصلو نه پر ”آمريتي حڪم“ معلوم ٿئي ٿو،  جنهن تي طاقتور ڌريون هرحال ۾ عمل چاهين ٿيون. جنهن سبب وفاق ۽ سنڌ جي وچ ۾ وڇوٽي ۽ ڇڪتاڻ ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي، جيڪا ڳڻتي جوڳي آهي.

طاقت ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي، بلڪه طاقت  جي استعمال سان مسئلا ويتر ڳنڀير بڻجي ويندا آهن، هونئن ته اسان کي ان قسم جا ڪيترائي مثال دنيا جي مختلف ملڪن مان ملي سگهن ٿا، پر بلوچستان جي موجوده صورتحال  اسان جي اکين اڳيان آهي، ته اتي طاقت جي استعمال جا ڪهڙا نتيجا حاصل ٿي رهيا آهن. ان لاءِ ضروري آهي ته ڪئنال واري معاملي تي سنڌ ۾  ٿيندڙ پُر امن جدوجهد کي پُر تشدد بڻائڻ جي جيڪا سازش ٿي رهي آهي، ان کي ڪنهن به نظرانداز  ڪري نٿو سگهجي. ڇاڪاڻ ته جيئن باهه کي باهه سان اجهائي نٿو سگهجي، ائين تشدد سان ڪڏهن به تشدد کي ختم ڪري نٿو سگهجي. حيدرآباد، ٺل ۽ ڪراچي واقعو اهو بانور ڪرائي رهيا آهن ته طاقتور ڌريون هٿ وٺي حالتن جو رخ ٻئي پاسي موڙڻ چاهين ٿيون ۽ سنڌ ۾ جاري پرامن جدوجهد کي پرتشدد بڻائڻ  جي سازش ڪئي پئي وڃي. جنهن جا خطرناڪ نتيجا سامهون اچي سگهن ٿا ڇاڪاڻ ته سنڌ جي  ماڻهن کي مختلف حربن  ۽ حرڪتن ذريعي وڌيڪ ڪاوڙائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.