عامر نواز وڙائچ تي حملو سنڌ جي شعور تي حملو

تحرير: عبدالوهاب منشي

مان ان شخص کي گهڻو نه ڄاڻندو هئس، صرف ٻڌو هئم ته ڪراچيءَ جو هڪ نوجوان وڪيل آهي، جيڪو پنهنجي وڪيل ڀائرن جي هر ڏک سک ۾ ساڻس گڏ بيهي ٿو. سندس ڪار ۾ ئي ڪوٽ، ڊريس پينٽ، بوٽ، تکيو، رڌائي سڀ بندوبست ٿيل آهي. هو ڪار ۾ ئي سمهي  پوي ٿو ۽ صبح سوير ئي عدالت پهچي پنهنجي ڪيس جي پيروي ڪري ٿو. مون سوچيو، اهو ماڻهو آهي يا جن؟ واقعي، سندس هڪ پير لاڙڪاڻي ۾ هوندو آهي، ڪڏهن حيدرآباد، ڪڏهن ڪراچي، ته ڪڏهن عمرڪوٽ ۾ ڏسڻ ۾ ايندو آهي.

عامر نواز جنهن نموني ڪراچي بار جون چونڊيون کٽيون، اهو به هڪ دلچسپ قصو آهي. پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته عامر نواز وڙائچ پنجابي هجڻ جي باوجود هڪ ڀلو ۽ بهترين نوجوان آهي، جنهن جي دل ۾ سنڌ ۽ ڌرتي ڌڙڪندي آهي. جيڪڏهن مان عامر نواز وڙائچ کي سنڌ جي نوجوان وڪيلن جو محبوب اڳواڻ لکان ته اهو سچ هوندو.

عامر نواز وڙائچ کي اسان ويجهي کان حيدرآباد ۾ وڪيل تحريڪ دوران ڏٺو، ته هو ڪيئن پنهنجين وڪيل ڀائرن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيهندو آهي. عامر نواز وڙائچ سان منهنجي ذاتي دوستي وڪيل تحريڪ، وڪيل ڪنوينشن، ۽ ڪراچي پريس ڪلب ۾ وڪيلن جي ”ڇھه ڪينال“ خلاف لانگ مارچ ۽ 26هين آئيني ترميم خلاف جدوجهد ۾ ٿي.ڪالهه جڏهن اسان ٽي وي چينلن تي ڏٺو ته عامر نواز وڙائچ تي اڻڄاتل حملا آورن حملو ڪري کيس سخت زخمي ڪري ڇڏيو، ته ان خبر کي ٻڌي مان سوچڻ تي مجبور ٿي ويس ته آخر عامر نواز وڙائچ سان جيڪو ٿيو، ان جو سبب ڇا آهي؟ حملا آور ڪير آهن؟ ۽ هي سڀ ڪجهه سنڌ جي وڪيلن لاءِ ڪهڙو پيغام آهي؟

اصل ڳالهه اها آهي ته هاڻ هو نٿا چاهين ته ڪو به نوجوان سنڌ جي اشوز تي اڳواڻ بڻجي سامهون اچي. پر عامر نواز وڙائچ ته اعلان ڪري چڪو هو ته 12 اپريل تي ”آل لائيرز ڪنوينشن“ ڪراچي ۾ وڏي تياري سان ٿيندي، جنهن کان پوءِ اسين 72 ڪلاڪن جي الٽيميٽم کان پوءِ وفاقي حڪومت کي خبردار ڪنداسين ته ڇهھ ڪينال وارو سنڌ دشمن منصوبو فوراً رد ڪيو وڃي، نه ته اسين احتجاج طور پنجاب-سنڌ جو بارڊر بند ڪنداسين، ۽ سنڌ مان پنجاب ويندڙ سڀ ريلوي رستا بند ڪنداسين.هاڻي پاڻ ئي سمجهي سگهو ٿا ته عامر نواز وڙائچ سان جيڪي ڪجهه ٿيو، اهو اسان لاءِ ڪهڙو پيغام ٿي سگهي ٿو؟ پر اڄ جڏهن منهنجي، عشرت لوھار، انيلا جيشاڻي ۽ ذوالفقار ڪورائي جي عامر نواز وڙائچ سان ملاقات ٿي، ته سندس حوصلا مون کي وڌيڪ پختا لڳا. هو چوي ٿو ته مون کي جيڪا سزا ملي آهي، ان جي پويان رڳو ڇھه ڪينال خلاف، واضح طور تي، ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي ميدان ۾ لهڻ ئي آهي.جيئن ڏسجي ٿو ته عامر نواز وڙائچ تي حملو ڪنهن کان لڪيل ناهي، پر هاڻ اهو رياستي ادارن ۽ ملڪ هلائيندڙ ڌرين جو امتحان آهي ته اهي معاملا ڪهڙي پاسي وٺي وڃن ٿا؟ ڇا ڇهھ ڪينال اوهان لاءِ ملڪ جي سالميت ۽ وفاق کان وڌيڪ اهم آهي؟ نه، هرگز نه! اسان لاءِ سڀ کان اول ملڪ ۽ وفاق جي سالميت آهي. ان ڪري اوهان کي ڇهھ ڪينال جي منصوبي کي هر صورت ۾ فوراً رد ڪرڻو پوندو، ۽ پنهنجا فيصلا واپس وٺڻا پوندا، نه ته اها تحريڪ ڪمون شهيد کان سموري پاڪستان ۾ پکڙي سگهي ٿي. پوءِ ان جي ذميواري ڪنهن تي هوندي؟

اصل ڳالهه اها آهي ته هاڻ هو نٿا چاهين ته ڪو به نوجوان سنڌ جي اشوز تي اڳواڻ بڻجي سامهون اچي. پر عامر نواز وڙائچ ته اعلان ڪري چڪو هو ته 12 اپريل تي ”آل لائيرز ڪنوينشن“ ڪراچي ۾ وڏي تياري سان ٿيندي، جنهن کان پوءِ اسين 72 ڪلاڪن جي الٽيميٽم کان پوءِ وفاقي حڪومت کي خبردار ڪنداسين ته ڇهھ ڪينال وارو سنڌ دشمن منصوبو فوراً رد ڪيو وڃي، نه ته اسين احتجاج طور پنجاب-سنڌ جو بارڊر بند ڪنداسين، ۽ سنڌ مان پنجاب ويندڙ سڀ ريلوي رستا بند ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.