سنڌو درياھ، جيڪو قدرت پاران سنڌي قوم کي مليل ڏات اھي، سنڌو درياهه جيڪو ھزارين سالن کان سنڌ ڌرتيءَ کي سائو ستابو، خوشحال ۽ شاھوڪار رکندو پيو اچي، سنڌو درياھ، جيڪو اسان جي شاھوڪار تھذيب ۽ ڪلچر جو خالق آھي، سنڌو درياھ، جنھن کي سڀني درياھن جي ماءُ سڏيو ويندو آھي، سنڌو درياهه، جيڪو سنڌ ڌرتيءَ ۽ سنڌي قوم جي وجود جو ضامن آھي. جڏھن ان پاڪ ۽ پوتر سنڌو درياهه مان ڇهه ڪئنال ڪڍي، سنڌوءَ جي ڇوليون ھڻندڙ پاڻيءَ کي ڪئنالن جي زنجيرن ۾ جڪڙي، سنڌ ڏانھن سنڌوءَ جي پاڻي اچڻ جا سمورا رستا بند ڪرڻ جي ناپاڪ سازش سٽي، اسان کي بيروزگار ڪرڻ، اسان جي ماروئڙن کي مانيءَ ڳڀي جو محتاج ڪرڻ، اسان جي معصوم ٻارن جو فاقن وگهي قتل عام ڪرڻ، سنڌ جي سون ورنين زمينن کي سُڪائي ويران ڪرڻ ۽ سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي ڦٻائڻ جي رٿابندي ڪري پنجابي حڪمرانن نسل پرستيءَ جو عملي مظاھرو ڪيو، تڏھن سنڌي قوم ، شينھن جيان گجگوڙ ڪري روڊن تي نڪري پئي، سندس ان گونج ۽ گجگوڙ جا پڙاڏا ملڪي حدون اورانگهي، ڏيهه پرڏيهه ۾ ٻڌا پيا وڃن. ھن تحريڪ ذريعي سنڌي قوم ثابت ڪري ڇڏيو آھي ته اسان کي سنڌ جي بقا، سالميت ۽ وحدانيت کان مٿي پنھنجو سُک، آرام ۽ پنھنجا پساھه به ناھن، تڏھن ته اُھي ٽامي وانگر تپندڙ مٽيءَ تي، اگهاڙين پيرين نعرا ھڻندي ڪاھي پيا آھن، اُھي پنھنجا قدرتي ۽ بنيادي انساني حق حاصل ڪرڻ لاءِ نڪتا آھن، ھاڻي اھي ڪنھن به حيلي بھاني يا ڪنھن جي به ڪوڙي ڏٽي تي ڀروسو ڪري ميدان نه ڇڏيندا. انھن کي پنھنجن نوجوانن جو آئندو بچائڻو آھي، انھن کي پنھنجين ايندڙ نسلن جي بقا جي ضمانت کپي، انھن کي پنھنجين زمينن، سنڌو درياهه، معدني وسيلن ۽ سنڌ جي سموري ڪمائيءَ جي مالڪي کپي.
حڪمرانن جي نسل پرستي اڄوڪي يا نئين ڳالهه ناھي، انھن نسل پرستن هميشه سنڌ کي پنھنجو فتح ٿيل علائقو ۽ سنڌين کي پنھنجو غلام سمجهي لٽيو ۽ ڦريو آھي، سنڌين کي قابو ڪرڻ لاءِ افغاني دھشت گرد آڻي سنڌ ۾ ويھاريا. سنڌين کي اقليت ۾ بدلائڻ لاءِ سمورن صوبن سميت، ٻين ملڪن مان ماڻھن جون لوڌون آڻي سنڌ ۾ ورسايون، آدمشماريءَ جا ھٿ ٺوڪيا ۽ ڪوڙا انگ اکر پڌرا ڪري، اسان کي ٿورائيءَ ۾ ڏيکارڻ جون ڪوششون ڪيون، سپريم ڪورٽ جا ستن منجهان چار پنجابي جج دنيا جي عظيم اڳواڻ سنڌ ڄائي ذوالفقار علي ڀُٽي جي عدالتي قتل جو حڪم ڏيڻ سميت فوجي ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ کي آئين ٽوڙڻ جي اجازت ڏين ٿا. سنڌ جون زمينون ريٽائرڊ ڪرڪٽرن کي تحفي طور ڏين ٿا. سنڌ طاس معاھدي کي نه مڃيندي 1991 جو ڪارڊ آڻين ٿا، وري جڏھن ان مان به سندن حوس جي پورائي نٿي ٿئي، تڏھن آئين کي لتاڙيندي پنھنجي ھوڏ جي بنياد تي سنڌو درياهه کي سڪائڻ جا سانڀاھا ڪن ٿا. ھيءُ اھي ئي نسل پرست حڪمران آھن جن جو اڳواڻ نواز شريف ضياءَ کي شھيد ۽ ڀٽي کي قاتل قرار ڏيئي چڪو آھي، ھيءُ ان ئي نواز شريف جا ساٿياري آھن، جيڪو شھيد بينظير جي شان ۾ گُٿا لفظ ڳالھائي چڪو آھي، ھيءُ اھوئي نوارشريف آھي، جيڪو نسل پرستيءَ جي انتھا ڪندي ”جاگ پنجابي جاگ، تعاڊي پگ نو لگ گيا داغ“ جا نعرا ھڻي چڪو آھي، پر افسوس جو انھن نسل پرستن کي ھر دور ۾ سنڌ مان سستن اگهن تي ايجنٽ ملندا رھيا آھن. ڪڏھن ايوب کھڙي جي روپ ۾، ڪڏھن ڄام صادق جي ڪردار ۾ ته ڪڏھن سنڌ تي مسلط ھاڻوڪن حڪمران جي روپ ۾. جهڙيءَ طرح پنجابي شائونسٽ حڪمرانن جي نسل پرستي پڌري ٿي چڪي آھي. ساڳيءَ ريت پيپلز پارٽي جو ڪردار به وائکو ٿي چڪو آھي.
حڪمران سنڌي قوم کي اھو آسرو پيا ڏين ته ارسا جي ٿيندڙ گڏجاڻيءَ ۾ آئين جي مطابق ڪئنالن وارو مسئلو حل ڪرائيندا، پر ھاڻي اھا خبر به سنڌي قوم تائين پھچي چڪي آھي ته موجوده حڪمران نه آئين کي کنگهن ٿا ۽ نه ارسا کي، سنڌي قوم اھو ڄاڻي چڪي آھي ته آئين ۽ قانون فقط غلامن لاءِ ھوندا آھن، آقائن لاءِ نه، سترھين آئيني ترميم ۾ اھو طئي ٿيل آھي ته ارسا ۾ وفاقي سرڪار جو نمائندو مستقل طور سنڌ مان کنيو ويندو، پر 2011 کان وٺي اڄ تائين، آئين کي پيرن ھيٺان لتاڙيندي، سنڌ جي نمائندي کي ارسا مان ٻاھر اڇلائي، ان جي جاءِ تي پنھنجا من پسند ماڻھو آندا ويا آھن. ان آئين جي ڀڃڪڙيءَ خلاف اوھان ڪھڙو طوفان آندو؟ سڄا سارا 14 سال، اوھان کي ڪھڙو مرض وڪوڙي ويو جو، ان آئيني لتاڙ خلاف اوھان جي زبان نه کُلي سگهي، ڪھڙو مفاد ھو، جو قوم کي ان ظلم کان بيخبر رکيو ويو؟ جڏھن ته ان سموري عرصي دوران اوھان سنڌ جا حڪمران رھيا آھيو. جڏھن ته ھاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ به ارسا ۾ وفاق جي نمائندي لاءِ سنڌ جي حق ۾ فيصلو ڏنو، پر اُن کي حڪمرانن کنگهيو به ڪونه ۽ نه ئي عدالتن پنھنجي فيصلي تي عمل ڪرائڻ لاءِ ايڪشن کنيو.