سُهانجڙو هڪ اهڙو وڻ آهي جيڪو انساني صحت، جانورن جي خوراڪ، دوائن، ماحولياتي بهتري ۽ ايڪو سسٽم جي بحالي لاءِ انتهائي اهميت رکي ٿو. هي وڻ هزارين سالن کان سنڌ، پنجاب ۽ دنيا جي ٻين حصن ۾ سڃاتل آهي، پر اڄ جي جديد دور ۾ ان جي افاديت تي سائنس به مُهر هڻي چُڪي آهي.
سُهانجڙوڇا آهي؟
سُهانجڙوهڪ تڪڙو وڌندڙ، خشڪ موسم ۾ به زندهه رهندڙ وڻ آهي، جيڪو ٻنهي موسم جي گرمي ۽ خشڪي کي برداشت ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هي وڻ زمين جي غذائي کوٽ به سهي سگهي ٿو ۽ عام زمين تي آساني سان وڌي سگهي ٿو. ان جا پن، گل، تڙا، ٻج، پاڙ، ۽ ڇال سڀ انساني استعمال لائق آهن.
انساني صحت لاءِ فائدن جو خزانو
سُهانڄيڙي جا پن وٽامن اي،بي، سي، ڪيلشيم، پوٽاشيم، آئرن ۽ پروٽين سان ڀرپور هوندا آهن. هي پن انساني جسم جي مدافعتي نظام کي مضبوط ڪن ٿا، رت جي گهٽتائي کي پورو ڪن ٿا، شوگر، بلڊ پريشر، دل جي بيمارين ۽ ڪينسر جهڙين خطرناڪ بيمارين خلاف تحفظ ڏين ٿا. ان جا ٻج پاڻي کي صاف ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا، ۽ ان مان ٺاهيل تيل جلد، وار، ۽ خوراڪ لاءِ استعمال ٿيندو آهي.
جانورن لاءِ قدرتي غذا
سُهانجڙي جا پن ۽ تڙا جانورن جي خوراڪ لاءِ بهترين آهن. ان جي استعمال سان کير ڏيندڙ جانورن جو کير وڌي ٿو، انهن جي صحت بهتر ٿئي ٿي ۽ بيمارين کان بچاءُ ٿئي ٿو. ڪيترن ئي ملڪن ۾ سُهانجڙي کي جانورن جي خوراڪ ۾ شامل ڪيو پيو وڃي، ڇو ته اهو غذائي کوٽ کي پورو ڪري ٿو.
دوائن ۾ استعمال
قديم يوناني، آيورويڪ، ۽ لوڪ طب ۾ سُهانجڙو وڏي اهميت جو حامل رهيو آهي. ان کي زخم، جلن، معدي جي بيمارين، ساهه جي بيمارين، ۽ جلد جي مسئلن لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. جديد تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته سُهانجڙو اينٽي آڪسيڊنٽ، اينٽي انفلاميٽري، اينٽي بئڪٽيريل، ۽ اينٽي فنگل خاصيتن سان مالا مال آهي.
ماحولياتي فائدا ۽ ايڪو سسٽم لاءِ اهميت
جيڪڏهن سُهانجڙي جي وڻڪاري همگير طريقي سان ڪئي وڃي ته اهو موسمي تبديليءَ جي خلاف هڪ وڏو قدم ثابت ٿي سگهي ٿو. هي وڻ زمين جي نمي کي برقرار رکي ٿو، هوا مان ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جذب ڪري ٿو، ۽ آڪسيجن پيدا ڪري ٿو. ان جا پاڙ زمين کي بند ڪرڻ، پاڻي جذب ڪرڻ ۽ زميني ڪٽاءَ کان بچائڻ لاءِ مددگار آهن.
وڻڪاري جي اهميت – تصوراتي فڪر
سوچيو جيڪڏهن سُهانجڙي جا ٻج ٻيلن، ڍنڍن، نالن، روڊن جي ڪنارن، ڳوٺن جي چوطرف، اسڪولن، اسپتالن ۽ شهرن جي خالي جاءِ تي پوکيا وڃن ته ڪيئن اسان جو ماحول بدلجي سگهي ٿو؟ هي وڻ نه رڳو انسانن کي غذا ڏيندو، پر پکين، جانورن، ۽ جيتن جي لاءِ به محفوظ ماحول پيدا ڪندو. هي فطري ايڪو سسٽم جي بحاليءَ جو هڪ سستو، آسان ۽ قدرتي طريقو آهي.
بهار – وڻڪاري لاءِ سونهن جو موقعو
اڄ جي بهار جي موسم، جيڪا نئين زندگيءَ جي شروعات جو نشان آهي، اها سُهانجڙي جي پوک لاءِ بهترين وقت آهي. جيڪڏهن اسين هاڻ هن موسم ۾ سُهانجڙي جا ٻج اڇلي ڇڏيون ته ڪجهه مهينن ۾ اسان جي زمين تي ساوڪ، ڇانو، خوراڪ، دوا ۽ تازگي جي ڀرمار ٿي پوندي.
نتيجو
سُهانجڙوصرف هڪ وڻ نه آهي، پر زندگيءَ لاءِ قدرت جو انمول تحفو آهي. هي وڻ انساني صحت، ماحول، زراعت، ايڪو سسٽم، ۽ معاشي ترقي لاءِ انتهائي فائديمند آهي. ان جي وڻڪاري سان نه رڳو اسان پنهنجي صحت بهتر بڻائي سگهون ٿا، پر ڌرتيءَ کي به صحتمند، سرسبز ۽ خوشحال بڻائي سگهون ٿا.
اچو ته گڏجي، هن بهار جي موسم ۾، سُهانجڙي جي وڻڪاري جو عزم ڪريون. اچو ته ٻج اڇليون، وڻ پوکيون، ۽ هڪ ساوڪ ڀريو، صحتمند، ۽ خوشحال سنڌ ۽ ڌرتي جو خواب ساڀيان ڪريون.