جي يو آءِ پاران ڪئنالن خلاف اڄ کان جلسن جو اعلان

 سکر(رپورٽر) جي يو آءِ سنڌ پاران سنڌو بچايو سنڌ بچايو جي مھم ۾  بيراجن ۽ پلن تي ڪامياب مظاهرن ۽ ڌرڻن کان پوءِ  مھم جي اڳين  مرحلي جي احتجاج جو اعلان ڪيو آھي، ان سلسلي ۾ جي يو آءِ سنڌ جي سيڪريٽري جنرل علامه راشد محمود سومرو چيو آھي ته عوام سنڌوءَ تي لڳندڙ ڌاڙي خلاف پنھنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي جمعيت علماءِ اسلام  تي اعتماد ڪري فيصلو ڏنو آھي. ھن چيو ته اڳئين  مرحلي ۾ سنڌوءَ  تي  ڌاڙي خلاف 9 اپريل تي گھوٽڪي 10 اپريل تي رپڙي خيرپور ميرس، 12 اپريل ڏينھن جو نوابشاه ۽ رات جو ٽنڊو غلام علي ۾ سنڌو بچايو سنڌ بچايو جلسو ٿيندو، 14 اپريل تي ڪنري ۾ ،16 اپريل ٽنڊي الهيار ۾، 17 اپريل ڏينھن مٽياري ۽ رات جو وڳڻ ۾ جلسو ٿيندو ۽ 23 اپريل تلھار ۾ 24 اپريل تي ڪنڊيارو ۽ رات جو دادو ميھڙ 26 اپريل ڪوٽ مير محمد 27 اپريل خان پور مھر گھوٽڪي ۾، 28 اپريل ڏينھن گمبٽ ۽ رات سنجھورو سانگھڙ ۾، 29 اپريل جاتي سجاول ۾ 30 اپريل تي موري ميرپورخاص ۾ 1 مئي دادو ۾ ،3 مئي مشڪور گڏاڻي گھوٽڪي ۾ وڏا عوامي اجتماع ۽ ڌرڻا ٿيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.