مستونگ ۾ بي اين پي ڌرڻو جاري، وڌيڪ هڪ عورت اڳواڻ گرفتار

مستونگ/خضدار(م ڊ) ماهه رنگ بلوچ ۽ ٻين بلوچ يڪجهتي ڪميٽي اڳواڻن جي آزادي لاءِ مستونگ ۾ بي اين پي ڌرڻوجاري آهي، جڏهن ته وڍ ۾ لڳل ڌرڻو ختم ڪيو ويو آهي. بلوچستان نيشنل پارٽي پاران لڪ پاس علائقي ۾ لڳل ڌرڻو 12 هين ڏينهن به جاري رهيو. هي ڌرڻو بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي گرفتار عورتن جي آزادي لاءِ آهي. مستونگ ۽ ڪوئيٽا ضلعن جي انتظاميا پاران ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن کي ڪوئيٽا ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ لڳايل رڪاوٽن جي ڪري گاڏين جي آمدورفت معطل آهي. هوڏانهن رستا روڪ ۽ فائرنگ خلاف وڍ ۾ لڳل ڌرڻو ڳالهين بعد ختم  ڪيو ويو آهي.  هوڏانهن بلوچ يڪجهتي ڪميٽي چيو آهي ته سندن هڪ ٻي عورت اڳواڻ گلزادي بلوچ کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر ماهرنگ بلوچ جي وڪيل عمران بلوچ بي بي سي کي فون تي ٻڌايو ته گلزادي بلوچ کي گذريل رات تقريبن 8:30 وڳي ڪوئيٽا ۾ گرفتار ڪيو ويو.  اختر مينگل، ايڪس تي هڪ بيان ۾، گلزادي جي گرفتاري کي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزي قرار ڏني ۽ چيو ته حڪمران ماڻهن جي خدشن کي گهٽائڻ بدران  سندن آواز  دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.