ڪئنالن خلاف حيدرآباد ۾ 11 اپريل تي سنڌ ڊاڪٽرس ڪنوينشن جو اعلان

حيدرآباد ( رپورٽر) سيوِ سنڌو ڊاڪٽرس فورم ، سنڌو درياءَ تي غير آئيني ۽ غيرقانوني ڪينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ کي رد ڪندي 11 اپريل تي سنڌ ميوزم حيدرآباد ۾  سنڌ ڊاڪٽرس  ڪنوينشن ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو آھي ڪالھ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ڊاڪٽرن جي وفد صحافين کي ڪنوينشن جا دعوت ناما ڏنا ان موقعي تي سيو سنڌو ڊاڪٽرس فورم جي اڳواڻن ڊاڪٽر سورٺ سنڌو ، ڊاڪٽر علي حسيب قاضي ، ڊاڪٽر سھيل سرڪي ، ڊاڪٽر ماجد ڳورڙ ،مھراڻ چنا ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته اسين ڊاڪٽر به سنڌ جي ھن آواز ۽ احتجاج ۾ شامل آھيون ، سنڌ جا ڊاڪٽر به ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪينالن کي آئين ۽ بنيادي فطري انساني  حقن تي وار سمجھن ٿا ھنن چيو ته 11 اپريل تي 3 وڳي ٿيندڙ ھن ڊاڪٽرس ڪنوينشن کي پاڻي جو ماھر نصير ميمڻ، احسان لغاري ، جامي چانڊيو ، بخشل ٿلھو ، وينگس ، ڊاڪٽر علي رند ، مسرور شاھ ، سجاد چانڊيو ۽ ٻيا خطاب ڪندا وفد جي آجيان ڪندي حيدرآباد پريس ڪلب جي صدر خالد کوکر چيو ته سنڌ جا ڪروڙين ماڻھو ڪينال ۽ ڪارپوريٽگ فارمنگ کي رد ڪري چڪا آھن ، ان موقعي تي حيدرآباد پريس ڪلب جو خزانچي جئي پرڪاش ،گورننگ باڊي جا ميمبر اقبال ملاح ، احمد خان شيخ، اشوڪ راماڻي، راشد لغاري، اعجاز لغاري ۽ ٻيا موجود ھئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.