پاڪستان کي پرڏيهي محاذ تي ھڪ اھم ڪاميابي ملي آھي.آمريڪا سان لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ پھريون ڀيرو آمريڪا ۽ پاڪستان جي پرڏيھي وزيرن وچ ۾ رابطا ٿيا آھن.پر اھا ڪاميابي ان صورت ۾ ڪارگر ثابت ٿي سگھي ٿي جڏھن ملڪ اندر سياسي بيچيني کي حل ڪرڻ ۽ قومي اتفاق راءِ لاءِ ٺوس ڪم ڪيو وڃي. شهباز شريف جي حڪومت کي پي ٽي آءِ ۽ بلوچستان ۾ ناراض سياسي عنصرن سان معاملا حل ڪرڻ لاءِ تيزي ۽ ڪارآمد طريقي سان ڪم ڪرڻو پوندو.ساڳي ريت نون ڪينالن جي حوالي سان سنڌ ۾ بھ عوام جي ڪاوڙ آھستي آھستي ھڪ تحريڪ ۾ بدلجي وئي آھي.جنھن کي حل ڪرڻ بھ لازمي ٿي پيو آھي.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پنهنجي آمريڪي هم منصب مارڪو روبيو سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڪيورٽي وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي آھي. ڊونلڊ ٽرمپ حڪومت سنڀالڻ کان پوءِ ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ۾ پھريون اھڙو رابطو آھي.جيڪو ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کان علاوه عالمي سفارتڪاري ۾ پاڪستان جي اهميت کي ظاهر ڪري ٿو.ٻنھي ملڪن ۾رابطو اهڙي وقت ۾ ٿيو آهي جڏهن صدر ٽرمپ دنيا جي ملڪن تي مختلف شرحن تي ٽيرف جو اعلان ڪري هڪ سنگين واپاري بحران پيدا ڪيو آهي. آمريڪي صنعت کي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي پاليسي ٻي عالمي جنگ کان پوءِ آزاد واپار ۽ عالمگيريت جي آمريڪي پاليسي کي ڌوڏي وڌو آهي. دنيا ۾ غير يقيني صورتحال پيدا ڪئي آهي.
ٽرمپ جو بنيادي اصول اهو آهي ته ڪو به ملڪ جنهن سان آمريڪا جو واپاري خسارو آهي، ان تي ٽيڪس لاڳو ٿيندو ۽ آمريڪي شين لاءِ مشڪلات پيدا ڪندڙ ملڪن تي وڌو ٽيڪس لڳندو.ان حوالي سان پاڪستان تي 29 سيڪڙو ٽيرف جو اعلان ڪيو ويو. پاڪستاني برآمدات ان جي آبادي ۽ پيداواري صلاحيت جي مقابلي ۾ گهٽ آهن، پر انهن مان به، تقريبن 20 سيڪڙو شيون آمريڪا ڏانهن وينديون آهن. پاڪستان آمريڪا سان واپار ۾ فائدي ۾ آهي، ۽ ان کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڪستاني شين تي اضافي ٽيرف جو اعلان ڪيو ويو. اسحاق ڊار ۽ مارڪو روبيو جي وچ رابطي بعد پاڪستاني پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب ٻنهي وزيرن وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ، واپار ۽ علائقائي سيڪيورٽي جي شعبن ۾ سھڪار وڌائڻ تي زور ڏنو ويو.ان سان گڏ آمريڪا پاران ناياب معدنيات ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهاربھ ڪيو ويو.
آمريڪا موجب ٽيرف جي اعلان کان وٺي 50 کان وڌيڪ ملڪن واپاري معاهدا ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪرڻ لاءِ آمريڪا سان رابطو ڪيو آهي. ماهرن جو خيال آهي ته آمريڪا کي دنيا ۾ مڪمل طور تي هلندڙ واپاري جنگ کان بچڻ لاءِ فوري طور تي پنهنجن واپاري ڀائيوارن سان ڪنهن قسم جو معاهدو ڪرڻو پوندو.پاڪستان کان آمريڪا موڪليل شين جي قيمت لڳ ڀڳ 6 ارب ڊالر آهي، جڏهن ته آمريڪا 2024 دوران 4110 ارب ڊالر جون شيون درآمد ڪيون. اهو ڏسي سگهجي ٿو ته هن مقدار ۾ پاڪستاني شين جو تناسب نه هجڻ برابر آهي، پر هي مقدار پاڪستان لاءِ انتهائي اهم آهي ڇاڪاڻ ته ان جي ڪل برآمدات لڳ ڀڳ 30 ارب ڊالر آهن. فوري رليف لاءِ، پاڪستان کي آمريڪا سان معاملو حل ڪرڻو پوندو.ان دوران پاڪستان جي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته هڪ اعليٰ سطحي پاڪستاني وفد پاڪستاني برآمدات تي 29 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي معاملي تي بحث ڪرڻ لاءِ واشنگٽن ويندو.
ھن کان اڳ جڏھن آمريڪا جو صدر ڊونلڊ ٽرمپ واڳون سنڀالي رھيو ھو تھ ان وقت ملڪ توڻي علائقائي مبصرن جو خيال ھو تھ آمريڪا جي ايجنڊا ۾ پاڪستان اوليت تي نھ آھي پر ھن وقت آمريڪا ۽ پاڪستان جي پرڏيھي وزيرن ۾ ٿيل رابطو ۽ انھن وچ ۾ ٿيل ڳالهين سان پاڪستان جي سفارتي اڪيلائي جي گھٽجڻ جو ۾ مدد ملندي ان سان گڏ اهو تاثر به ڪمزور ٿيندو ته پاڪ-آمريڪا لاڳاپا سرد مھري جو شڪار آهن.ھڪ خيال ھي آھي تھ آمريڪا ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف لاءِ ڪم ڪندڙ لابي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن بابت غلط فهمي پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.جنھن ۾ کين ناڪامي ٿي آھي.
مارچ جي شروعات ۾ ڪانگريس کي خطاب ڪندي، صدر ٽرمپ دهشتگرد محمد شريف الله کي پڪڙڻ ۽ آمريڪا جي حوالي ڪرڻ تي پاڪستان جي تعريف ڪئي. ٽرمپ جي اھڙي بيان جي سامهون اچڻ تائين، آمريڪا ۾ تحريڪ انصاف گروپ ۽ سوشل ميڊيا ڪارڪن اڳڪٿي ڪري رهيا هئا ته نئون آمريڪي صدر پاڪستاني حڪومت تي عمران خان کي آزاد ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهندو.پر آمريڪي صدر جي ڪانگريس ۾ تقرير صورتحال کي بدلائي ڇڏيو.پاڪستان جي ڪيل ڪوششن باوجود ٻنهي ملڪن ۾ پرڏيهي وزيرن جي سطح تي رابطن مان واضح ٿي رهيو آهي ته آمريڪي حڪومت ڪانگريس ۾ ڪنهن به پاڪستان مخالف قانون سازي جي حمايت نه ڪندي.پاڪستان سيڪيورٽي معاملن تي آمريڪا سان سھڪار بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ڪجهه هفتن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جا بھتر نتيجا نظر اچي رهيا آهن. اسحاق ڊار آمريڪي پرڏيهي وزير کي افغانستان ۾ آمريڪي فوج پاران ڇڏيل هٿيارن جي خطرناڪ هجڻ ۽ پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ انهن جي استعمال جي تفصيلن بابت آگاهه ڪيو. مارڪو روبيو هن معاملي کي حل ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي. صدر ٽرمپ افغانستان مان آمريڪي هٿيار ڪڍڻ جي ڳالهه به ڪئي آهي. جيڪڏهن پاڪستاني حڪومت هن سلسلي ۾ آمريڪي تعاون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿي ته خيبر پختونخواه ۾ دهشتگرديءَ جي واقعن ۾ فيصلي واري گهٽتائي ٿي سگهي ٿي. آمريڪا کي احساس آهي ته هن خطي ۾ ترقي ڪندڙ دهشتگرد گروهه ڪنهن وقت آمريڪي سلامتي لاءِ خطرو بڻجي سگهن ٿا. اهو لڳي ٿو ته پاڪستاني حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪي حڪومت کي هن مسئلي جي اهميت ۽ ضرورت تي قائل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي رهي آهي.
آمريڪا سان سھڪار بلوچستان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۾ پڻ ڪارآمد ثابت ٿي سگهي ٿو. واشنگٽن سان رابطن جي بحالي سان پاڪستان ۾ دھشتگردي کي روڪڻ لاءِ هندستاني ۽ افغان حمايت کي روڪڻ جي ڪوششن کي تيز ڪري سگهي ٿي.پاڪستان بلوچستان ۾ معدنيات جي ڳولا لاءِ آمريڪي سيڙپڪاري حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيڻ جي صورت ۾ صوبي ۾ امن بحال ڪرڻ ۾ آمريڪي دلچسپي وڌي سگهي ٿي.