شڪارپور(رپورٽ: ذوالفقار مگسي ) 6 ڪئنالن، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ کي بنجر بڻائڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ ڳڙھي ياسين پاران نور مصطفي چوڪ کان ٿيندو پريس ڪلب ڳڙھي ياسين تائين پيادل مارچ ڪيو ويو، مارچ جي اڳواڻي قومي عوامي تحريڪ مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ زاھد ڀنڀرو، ايڊووڪيٽ ظفر علي چنه، امداد سومرو، آغا وقار خان دراني، رفيق ڪمبوه ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا، مارچ ۾ جمعيت علما السلام، جيئي سنڌ محاذ، ڳڙھي ياسين شھري اتحاد، جيئي سنڌ قومي محاذ، بازار يونين، سميت مختلف مڪتب فڪر سان سلھاڙيل ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، زاھد ڀنڀرو خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياھ اسان جي ريڊ لائين آھي،پيپلز پارٽي جا حڪمران ڪرپشن ۽ ٻين غير قانوني ڪمن ۾ ملوث ھجڻ ڪري ھر سنڌ دشمن منصوبو جوڙڻ لاءِ تيار ۽ حصيدار آھن. آصف علي زرداري 6 ڪئنالن جي منظوري ڏني. مراد علي شاھ ۽ ٻيا وزير سنڌ جي عوام کي دوکو ڏئي ڪوڙي مخالفت ڪري رھيا آھن. ايڊووڪيٽ ظفر علي چنا خطاب ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت ڪئنال ڪڍڻ واري ھوڏ تان نه لٿو ته پوءِ سنڌ جو عوام پنجاب ڏانهن ويندڙ رستن کي بند ڪري ڇڏيندو، آغا وقار خان دراني خطاب ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ ۾ پنهنجي بادشاھت قائم ڪيو ويٺي آھي مارچ کي مولوي شفيق الرحمن پٺاڻ، رفيق احمد ڪمبوه، ضمير گھانگھرو، عامر بابلاڻي، وفا عباسي، عمران صفيح، خليل مارفاڻي، رياض منگي، عبدالستار بروھي، دلشاد احمد ويسر، اقبال جکرو، محمد پنجل ڀنڀرو، جواد جکرو ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.