7 اپريل 2025 تي غزہ جي خان يونس علائقي ۾ ٿيل اهو دل ڏکائيندڙ واقعو، رڳو هڪ صحافي جي شهادت نه، پر سڄي دنيا لاءِ هڪ کليل پيغام هو ته سچ لکڻ، سوال ڪرڻ ۽ حقيقتن کي ظاھر ڪرڻ هاڻي پهريان کان به وڌيڪ خطرناڪ ڪم بڻجي چڪو آهي.جڏهن اسرائيلي فوج ناصر اسپتال جي ڀرسان صحافين جي خيمن کي نشانو بڻايو، ته ان وقت اهي صحافي صرف پنهنجو پيشوراڻو ڪم ڪري رهيا هئا نه هٿياربند هئا، نه ڪو خطرو ھو پر پوءِ به انهن کي جان جي قيمت ادا ڪرڻي پئي.
حلمي الفقاوي، جيڪو غزہ جي آزادي پسند آواز طور سڃاتو ويندو هو، ان باهه ۾ زندهه سڙي ويو. سندس آخري لمحن جي تصويرن ۽ وڊيوز، جيڪي عالمي ميڊيا تي ظاهر ٿيون، ڪنهن به حساس دل انسان لاءِ بيحد تڪليف ڏيندڙ هيون.سندس ساٿي باھ وسائڻ لاءِ پاڻي کڻي آيا، ڪپڙا لاھي شعلن کي وسائڻ جي ڪوشش ڪندا رھيا پر تقدير کيس نه بچائي سگهي ۽ کيس شهادت نصيب ٿي.هن سانحي کانپوءِ صرف غزا ۾ نه، پر پوري دنيا جي صحافتي برادري ۾ غم ۽ غصي جي لهر ڇانيل آهي.”رپورٽرز ود آئوٽ بارڊرز”، “فريڊم آف دي پريس“ ۽ ٻين ڪيترين ئي عالمي ادارن اسرائيلي ڪارروائي کي انساني حقن ۽ بين الاقوامي قانونن جي کلي ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي.پر افسوس جوڳي ڳالهه اها آهي ته عالمي قوتن طرفان صرف بيان جاري ٿيا، ڪو به اثرائتو قدم اڃا تائين سامهون ناهي آيو.
هي رڳو هڪ حملو نه هو، پر مسلسل ٿيندڙ ظلمن جي هڪ ڪڙي هئي.اڄ جيڪڏهن صحافين کي نشانو بڻايو ويو، ته سڀاڻي ڊاڪٽر، استاد، اديب، يا عام شهرين کي به نشانو بڻائي سگهندا.هي روش رڳو غزا تائين محدود ناهي، پر اها عالمي ضمير لاءِ به هڪ آزمائش آهي.جيڪڏهن حق ۽ سچ کي اجاگر ڪندڙ قلم کي دٻايو ويندو، ته پوءِ دنيا ۾ ڪو به محفوظ نه رهندو.
ناصر اسپتال، جيڪا پهريان ئي ڪيترن ئي زخمين جي آخري اميد آهي، پاڻ به مسلسل بمباري هيٺ آهي.صحت جا ادارا، جن کي عالمي جنگي قانون تحت مڪمل تحفظ حاصل هجڻ گهرجي، انهن کي به نشانو بڻايو پيو وڃي.صحافين جا خيما، جتي اهي پاڻ کي محفوظ سمجهي رهيا هئا، اهي به محفوظ نه رهيا.اڄ جڏهن غزا جا ماڻهو بک، بيماري، بمباري، ۽ محاصري جي عذاب ۾ زندگي گذاري رهيا آهن، ته اهڙي صورتحال ۾ آزاد صحافت سندن آواز بڻجي اٿي آهي.پر جڏهن اهو آواز دٻائجي ٿو، ته ظلم جي ڪاري رات ۾ واڌ ٿي وڃي ٿي.صحافت صرف خبر ڏيڻ جو نالو ناهي،اها انسانيت جي هڪ خدمت آهي اها جنگين جي ڪاري رات ۾ اميدن جي روشني آهي.
غزا ۾ هلندڙ جنگ، جيڪا 2023 کان جاري آهي، اها نه صرف سياسي تڪرار، پر انسانيت جي وجود لاءِ خطرو بڻجي چڪي آهي. ھن جنگ ۾ 173 کان وڌيڪ صحافي زندگيءَ جي جنگ ھارائي چڪا آهن.هي رڳو انگ نه آهن اهي هر هڪ جان، هڪ خاندان، هڪ آواز ۽ هڪ مشن جو نالو آهي.فلسطيني پرڏيهي وزارت جي بيان مطابق، هي حملو صحافين خلاف منظم سازش جو حصو آهي ته جيئن دنيا کي غزا جي حالتن کان بي خبر رکيو وڃي. پر سوال اهو آهي ته ڇا دنيا ان سازش کي سمجهي رهي آهي؟ ڇا آزاديءَ جي نالي تي ٺهيل قومون هن ظلم تي خاموش رهنديون؟ اڄ جي دور ۾ جڏهن سوشل ميڊيا، خبرون ۽ رپورٽون هر ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچن ٿيون، ته پوءِ دنيا بي خبر نٿي رهي سگهي. اسان کي ياد رکڻ گھرجي ته صحافت جو قتل، سچ جو قتل آهي ۽ جڏهن سچ دفن ٿيندو ته انصاف جو وجود به خطري ۾ پئجي ويندو.حلمي الفقاوي جي شهادت رڳو غزا لاءِ نه پر سڄي صحافتي دنيا لاءِ هڪ تڪليف ڏيندڙ واقعو آهي.