سنڌ جي آبادگارن جا مسئلا ۽ حڪومتي بيحسي

تحرير: عرفان آزاد چاچڙ

موجوده وقت ۾ سنڌ ۾ ڪڻڪ جو اگهه تقريباً ٻاويهه سئو روپيا في مڻ آهي، جيڪو آبادگارن جي خرچن جي ڀيٽ ۾ انتهائي گهٽ آهي. ڊيزل، ڀاڻ ۽ ٻين زرعي وسيلن جا وڌندڙ خرچ آبادگارن لاءِ پنهنجي پورهئي جو پورائو ناممڪن بڻائي رهيا آهن. آبادگار، جيڪي سخت محنت  ڪرڻ جي باوجود به پنهنجي فصل جو مناسب معاوضو حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي رهيا آهن. سندن محنتون انهن جي خرچن کي به پورو نه ٿيون ڪري سگهن، جيڪو هڪ وڏو  الميو آهي.

ڪڻڪ جي اگهه ۾ گهٽتائي جا ڪيترائي سبب آهن، جيڪي مقامي، ملڪي ۽ عالمي عنصرن سان ڳنڍيل آهن. عالمي سطح تي، يوڪرين ۽ روس جي وچ ۾ جنگ ڪڻڪ جي پيداوار ۽ برآمد تي وڏا اثر وڌا آهن. اهي ملڪ دنيا ۾ ڪڻڪ جي فراهميءَ جا اهم ذريعا آهن، ۽ انهن جي پيداوار ۾ گهٽتائي سبب عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتن ۾ اضافو ٿيو. 2022 ۾، آمريڪا ۾ ڪڻڪ جي قيمت 400 ڊالر في ٽن تائين پهچي وئي هئي، جڏهن ته پاڪستان جهڙن ملڪن ۾ اهڙا اثر گهٽ محسوس ڪيا ويا.

پاڪستان ۾، ماضيءَ ۾ ڪڻڪ جو اگهه نسبتاً مستحڪم رهيو. 2010 کان 2015 تائين، ڪڻڪ جو اگهه 1200 روپيا في مڻ هو، جڏهن ته ڊيزل ۽ ڀاڻ جي قيمتون گهٽ هيون. پر موجوده حالتن ۾، ڊيزل جي قيمت لڳ ڀڳ ٻه سئو سٺ روپيا في ليٽر ۽ ڀاڻ جي قيمت 12,000 روپيا في ٻوري ڊي اي پي ۽ يوريا پڻ انتهائي مهانگي سطح تائين پهچي چڪي آهي، جيڪا آبادگارن جي خرچن کي تمام گهڻو وڌائي ڇڏيو آهي. انهن خرچن سان، ڪڻڪ جو موجوده اگهه آبادگارن لاءِ خرچن جو پورائو ڪرڻ لاءِ پڻ ڪافي ناھي.

ڊيزل، جيڪو مشينري ۽ آبپاشي لاءِ ضروري آهي، ان جي قيمتن ۾ اضافي سبب آبادگارن جي خرچن ۾ وڏو اضافو ٿيو آهي. في ايڪڙ زمين تي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ ڊيزل جو استعمال هڪ وڏو مالي بار بڻجي ويو آهي.يوريا ۽ ڊي اي پي جي اگھه ۾ اضافو آبادگارن لاءِ فصلن جي پيداوار کي اقتصادي طور تي غير فائديمند بڻائي رهيو آهي. ڀاڻ جي مهانگائي سبب ڪيترائي آبادگار پنهنجن فصلن لاءِ گهٽ ڀاڻ استعمال ڪن ٿا، جيڪو عمل وري فصل جي پيداوار کي گهٽائي ٿو.

آبادگارن کي انهن جي فصلن جي مناسب قيمت نه ملڻ سبب اهي مسلسل نقصان ۾ وڃي رهيا آهن. ڪڻڪ جي قيمت کي نظرانداز ڪندي، مقامي مارڪيٽ ۾ سرڪاري اگهه کان گھٽ اگهه تي وڪرو ڪيو وڃي ٿو.ڪڻڪ جي برآمد ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ مقابلي واري پاليسي جي کوٽ سبب پاڪستان جهڙا ملڪ پنهنجن آبادگارن کي عالمي قيمتن جو فائدو پهچائڻ ۾ ناڪام رهيا آهن

ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ حڪومت کي فوري ۽ اثرائتا قدم کڻڻ گهرجن، جيڪي نه صرف آبادگارن لاءِ فائديمند هوندا، پر قومي معيشت کي پڻ مضبوط ڪندا.حڪومت کي گهرجي ته ڪڻڪ جي امدادي اگهه کي وڌائي ۽ اهو يقيني بڻائي ته آبادگارن کي سندن فصلن لاءِ مناسب معاوضو ملي.ڊيزل، ڀاڻ ۽ ٻيا زرعي وسيلن تي سبسڊي فراهم ڪرڻ سان آبادگارن جا خرچ گهٽجي سگهن ٿا.آبادگارن کي جديد زرعي ٽيڪنالاجي ۽ فني تربيت فراهم ڪري، سندن پيداوار کي بهتر بڻائڻ لاءِ مدد ڪئي وڃي.ڪڻڪ جي عالمي مارڪيٽ تائين رسائي لاءِ بهترين پاليسيون ٺاهيون وڃن، جيئن ملڪ ۾ آبادگارن کي عالمي قيمتن جو فائدو ملي.آبادگارن لاءِ سستا قرض، پاڻيءَ جي بهتر سهولت، ۽ مقامي مارڪيٽ تائين پهچ فراهم ڪرڻ لاءِ خاص قدم کنيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.