باقراڻي: گهران ڪاوڙجي نڪتل ڳوٺ بکو ديرو واسي نينگر پراسرار نموني گم، وارث پريشان، مدد جي اپيل

باقراڻي (ويب ڊيسڪ) باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ بکو ديرو سان تعلق رکندڙ 14 ورهين جو نينگر غلام مصطفيٰ جتوئي پٽ حسين مصطفيٰ گهران ڪاوڙجي نڪرڻ بعد گم ٿي ويو ۽ ڳولا باوجود سندس پتو ناهي پئجي سگهيو.
وارثن موجب غلام مصطفيٰ پنجاب جي شهر ۾ رهندو هو ۽ 29 مارچ تي ڪاوڙ ۾ اچي گهران نڪري ويو هو، جيڪو اڃا تائين واپس ناهي موٽيو.
والدين موجب پٽ جي ذهني حالت بلڪل ٺيڪ هئي، هو جهلم ڪينٽ ۾ ريلوي اسٽيشن تان هڪ ٽرين ۾ چڙهيو ۽ ڪراچي پهتو، سي سي ٽي وي فوٽيج ذريعي کيس آخري ڀيرو ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ ڏٺو ويو هو.
وارثن جو چوڻ آهي ته نينگر جي مختلف شهرن ۾ ڳولا ڪئي وئي آهي پر ڪٿان به سندس ڏس پتو ناهي ملي سگهيو.
غلام مصطفيٰ جي گمشدگي جو اطلاع سنڌ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي سميت ٻارن جي تحفظ بابت لاڳاپيل ادارن وٽ به ڏنو ويو آهي.
وارثن اپيل ڪئي آهي ته جيڪڏهن ڪنهن کي به نينگر بابت ڪا ڄاڻ هجي ته مهرباني ڪري فوري طور تي لاڳاپيل ادارن سان رابطو ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.