ملڪ ۾ معاشي بحران اڃان تائين ختم ناهي ٿيو:حافظ نعيم

لاهور( بيورو+م ڊ)هاري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي امير جماعت اسلامي پاڪستان حافظ نعيم الرحمان چيو ته جيڪڏهن 15 اپريل تائين مطالبا نه مڃيا ويا ته لاهور پهچنداسين ۽ اتان اسلام آباد وينداسين ۽ جيڪڏهن ڌرڻو به ڏيڻو پيو ته اهو به ڏنو ويندو، لاهور ۾ هاري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته حڪومت ڪوڙن دعوائن سان هارين کي رليف نٿي ڏئي سگهي، اشرافيه کي معيشت جي خبر ناهي، اهي انگ اکر ٺاهي بيوقوف بڻائي رهيا آهن، هن چيو ته چند ماڻهو مافيا بڻجي مهانگي کنڊ وڪرو ڪري اربين رپيا ڪمائي رهيا آهن، جيڪڏهن کنڊ امپورٽ ڪن ٿا ته ڪڪ بيڪ وٺندا آهن، جيڪڏهن کنڊ ايڪسپورٽ ڪن ٿا ته ڪڪ بيڪ وٺن ٿا پر هارين جا پئسا واپس نٿا ڪن، سڀ مل مالڪ حڪومت ۾ آهن، هن چيو ته ڪڻڪ جو اگهه، عوام کي سستي ماني فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي، حڪومت هارين لاءِ ڪڻڪ جو في مڻ 4 هزار رپيا في مڻ جو اعلان ڪري،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.