ميهڙ (ن ع آ) ڇهه نون ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف سنڌي شاگرد تحريڪ ڳوٺ ٻانهون سوڍر طرفان عوامي تحريڪ ضلعي دادو جي صدر ايڊووڪيٽ نجيب الرحمنٰ مھيسر، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي پريس سيڪريٽري منظور سوڍر، ايڊووڪيٽ ذوالفقار چانڊيو، تعلقي صدر ايڊووڪيٽ داد محمد مگسي، منير احمد مهيسر، ايڊووڪيٽ علي رضا، حافظ رستم سوڍر، صحافي مختيار سنڌي، رستم علي سرگاڻي، هاري اڳواڻ غلام حسين سوڍر، لونگ خان سوڍر، طالب سوڍر، منصور مهيسر، گلزار سوڍر ۽ ٻين شاگردن ھارين، ٻارڙن جي اڳواڻي ۾ سوڍاري مسجد کان بچل شاھ جي موري تائين 4 ڪلو ميٽر پيادل شارٽ مارچ ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي، مارچ کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته غير قانوني ڪينالن وسيلي سنڌو تي ڌاڙو هڻي سنڌ جون آباد زمينون غيرآباد ڪيون پيون وڃن.