وڏي وزير پاران موبائيل فونن جي خريداري ۽ وڪري جو رڪارڊ تيار ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه دڪانن ۾ استعمال ٿيندڙ هر نئين ۽ استعمال ٿيل موبائيل فون جي خريداري ۽ وڪري جو رڪارڊ ٺاهڻ جي هدايت ڪئي آهي،سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ امن امان بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شرجيل ميمڻ، ضياءَ لنجار، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي، سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سڄي صوبي ۾ امن امان کي بهتر بڻايو ويندو،وڏي وزير هدايت ڪئي ته لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزنن ۾ پوليسنگ کي وڌيڪ موثر ۽ مستحڪم بڻايو وڃي، مراد علي شاهه چيو ته صوبي ۾ مڪمل دستاويزن سانموبائيل فون جي خريد و فروخت جي اجازت آهي، ڪراچي ملڪ جي سڀ کان وڏي موبائيل مارڪيٽ آهي، واپارين کي واضح پيغام ڏيون ٿا، دڪانن تي هر نئين ۽ استعمال ٿيل موبائيل فون جي خريداري ۽ وڪري جو باقاعده رڪارڊ مرتب ڪيو وڃي،وڏي وزير سنڌ کان چوري ٿيل گاڏين ۽ موٽرسائيڪلن جي اسپيئر پارٽس جي خريد ۽ وڪري بابت سندس هدايتن جا تفصيل پڻ ورتا، آءِ جي پوليس بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته چوري ٿيل گاڏين جي پارٽس جي معاملي تي 234 اسڪريپ ڊيلرز کي گرفتار ڪيو ويو آهي، موبائل مارڪيٽ ايسوسي ايشن سان خريد و فروخت لاءِ ايس او پيز کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي، چوري ٿيل موبائيل فونز جي آءِ ايمز کولڻ جو ڪم ڪندڙ ماڻهن خلاف به ڪارروائي ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.