سنڌ جو تعليمي نظام افغانستان کان به پوئتي هليو ويو آهي:ايم ڪيو ايم اڳواڻ

ڪراچي(رپورٽر)متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي اڳواڻ عامر صديقي چيو آهي ته سنڌ جو تعليمي نظام افغانستان کان پوئتي هليو ويو آهي، تعليم وارو وزير 7 سالن کان پنهنجي تڪ ۾ اسڪولن کي ٺيڪ نه ڪري سگهيو آهي، پٽيل پاڙي ۾ سرڪاري اسڪول جو دورو ڪندي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر عامر صديقي چيو ته تعليم بنيادي حق آهي، تعليم هوندي ته ملڪ ترقي ڪندو، تعليم تي 300 ارب رپيا ڪٿي خرچ ڪيا پيا وڃن؟، پٽيل پاڙا ۾ واقع اسڪول بابت ڳالهائيندي عامر صديقي چيو ته اسڪول 4 ايڪڙن جي ايراضيءَ تي قائم آهي، هتي فنڊز آهن جيڪي ڄاڻي واڻي جاري نه ڪيا پيا وڃن، ليجنڊ ظهير عباس هاڪي اولمپئن سميع الله ۽ ڪليم الله به ان اسڪول مان تعليم حاصل ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.