هالا(ن ع آ )سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاھ پاران هالا ۾ سنڌ آبادگار بورڊ ۽ معروف سماجي شخصيت عامر بهزاد ميمڻ سان بهزاد هائوس تي دعوت ۾ شرڪت ڪري سنڌو درياهه تي ڪينال نا منظور جي تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت عامر بهزاد دعوت قبول ڪري چيو ته اسان ڪڏهن به سنڌ جي مفادن تي سودو نٿا ڪري سگھون ڪينالن جي تعمير سان سنڌ جا لکين ماڻهو پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ پريشان ٿيندا سيد زين شاھ ، صفدر عباسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ڪئنالن جي خلاف جدوجھد پُرامن آھي اسان 5 ھزار سال کان ھن خطي جا رهائشي آھيون اسان حق تي آھيون ڪئنال ٺاھڻ سان سنڌ جون زمينون بنجر بڻجي وينديون پنجاب جو اھو خواب ڪڏھن به حقيقت ۾ تبديل ٿيڻ نه ڏينداسون اسان جي پرامن جدوجھد کي ڪمزوري نه سمجھيو وڃي،ھنن چيو ته اگر ڪينال جي تعمير جو ڪم بند نه ڪيو ويو ته دمادم مست قلندر تحريڪ ڪئي ويندي