لاهور(م ڊ) پنجاب حڪومت جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري پاڻي جي ورڇ، خيبرپختونخوا ۾ امن و امان ۽ مختلف سياسي معاملن تي مؤقف اختيار ڪندي چيو آهي ته پنجاب ۾ پاڻي جي ورڇ جي طريقيڪار کي منظم ڪرڻ جي ضرورت آهي.پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو تي تنقيد ڪندي مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ عظميٰ بخاري چيو ته بلاول ڀٽو جلسي ۾ بيهي پاڻي جهڙي اهم مسئلي تي سياست نه ڪري، ان تي سنجيده ۽ ٽيڪنيڪي سطح تي ڳالهه ٿيڻ گهرجي. اتحادي جماعتون لڳاتار گولاباري ڪري رهيون آهن، پهريان اهو ڏسو ته ڳالهه ڪنهن پاڻي جي ٿي رهي آهي، ڪينال سسٽم تي سياست ٿي رهي آهي جڏهن ته اصل ضرورت عملي قدمن جي آهي. هن چيو، "ڀارت وارو پنجاب هڳ حصو سائو ٿي رهيو آهي جڏهن ته هتي ٻوڏن دوران قيمتي پاڻي ضايع ٿي ويندو آهي، اسان کي ان کي بهتر طريقي سان منظم ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزير اطلاعات پنجاب چيو ته علي امين گنڊا پور جي وزارتِ اعليٰ خطري ۾ آهي. سندس پارٽي جا ماڻهو کيس ڪرپٽ وزيراعليٰ قرار ڏئي رهيا آهن. عظميٰ بخاري واضح ڪيو ته اين ايف سي ايوارڊ تحت رقم جي فراهمي کان اڳ صوبي کي پنهنجو مالي حساب پيش ڪرڻو پوندو، ڌمڪيون نه ڏيو، پهريان حساب ڏيو.