ڪئنال واري مامري تي ڪنهن به پارٽي کي سياست نه ڪرڻ گهرجي:مريم اورنگزيب

لاهور( بيورو+م ڊ) پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس پارٽي پي ٽي آءِ تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته جنهن پارٽي ملڪ کي 3 ٽڪرن ۾ ورهائڻ جو خواب ڏٺو، اها اڄ پاڻ ٽڪرن ۾ ورهائجي وئي آهي، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته وزيراعظم بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪري عوام کي عيد جو تحفو ڏنو آهي، سينيئر وزير چيو ته هڪ سال ۾ مهانگائي جي شرح ۾ رڪارڊ گهٽتائي آئي آهي، جيڪا افراتفري جي پيداوار آهن، اهي عوام کي رليف نه ٿا ڏئي سگهن، عمران خان ملڪ کي بدحالي جي ڪناري تي پهچايو، هن چيو ته ڪئنالن جي معاملي تي ڪافي عرصي کان ٻڌي رهي آهيان، ڪنهن به پارٽي کي سياست نه ڪرڻ گهرجي، صوبائيت جو تاثر نه ڏيڻ گهرجي،ان لاءِ سي سي آءِ جو پليٽ فارم موجود آهي ۽ پارليامينٽ جي فورم تي به ڳالهائي سگهجي ٿو، ڪنهن جو به پاڻي چوري نه ٿي رهيو آهي، آئين ۾ سڀ ڪجهه لکيل آهي، پنجاب ۽ سنڌ جو پنهنجو پاڻي آهي، ان تي به فورم تي بحث ٿيڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.