لاهور( بيورو+م ڊ) وزير اعظم شهباز شريف سان وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي حوالي سان کنيل قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ذريعن موجب گهرو وزير وزيراعظم کي افغانين جي وطن واپسي لاءِ جاري آپريشن بابت آگاهه ڪيو، جڏهن ته گهرو وزير بجلي جون قيمتون گهٽ ڪرڻ تي وزيراعظم کي مبارڪون به ڏنيون، وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام ۽ امن امان جي صورتحال ڏينهون ڏينهن بهتر ٿي رهي آهي.