لاهور( بيورو+م ڊ) جماعت اسلامي 11 اپريل کان ملڪ گير احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان چيو ته غزا جي صورتحال تي سموريون سياسي سرگرميون معطل ڪيون ويون آهن، اڄ کان سڄي ملڪ ۾ غزا جي صورتحال تي عوامي مهم شروع ڪنداسين، 11 اپريل تي پاڪستان کان فلسطين مارچ ڪنداسين، لاهور ۾ 11 اپريل تي آمريڪي سفارتخاني ڏانهن مارچ ڪيو ويندو، 13 اپريل تي شاهراهه فيصل ڪراچي تي مارچ ڪيو ويندو، 20 مارچ تياسلام آباد ۾ آمريڪي قونصليٽ ڏانهن مارچ ڪنداسين، سڄي قوم کي 20 اپريل تي مارچ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، غزا جو 80 کان 90 سيڪڙو حصو تباهه ٿي چڪو آهي، غزا جي صورتحال تي مسلمان ملڪ خاموش آهن،