ڪالا باغ ڊيم کي ڀرڻ لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو؟ ڄام خان شورو

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي آبپاشي کاتي واري وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته ڪالا باغ ڊيم کي سڀني صوبائي اسيمبلين ۽ پاڻي جيماهرن ٽيڪنيڪل طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي، پنجاب جي آبپاشي  کاتي واري صوبائي وزير ڪاظم علي پيرزاده پاران ڪالا باغ ڊيم جي ڳالهه ڪرڻ صوبائي اسيمبلين ۽ صوبن جي عوام جي توهين آهي. سنڌ جي آبپاشي کاتي واري وزير ڄام خان شورو پنجاب جي وزير آبپاشي ڪاظم علي پيرزاده جي ڪالا باغ ڊيم بابت بيان تي سخت ردعمل جو اظهار ڪندي چيو ته جڏهن ملڪ جا موجوده ڊيم ئي خالي پيا آهن ته ڪالا باغ ڊيم کي ڀرڻ لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو؟ ارسا جي نااهلي سبب ڊائون اسٽريم ڪوٽڙي ۾ پاڻي نه اچڻ جي ڪري ڊيٽا مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪو آهي ۽ سنڌ جون زمينون بنجر ٿي چڪيون آهن. ڄام خان شورو چيو ته ان وقت ڪالا باغ ڊيم جي ڳالهه ڪرڻ وزير آبپاشي پنجاب ڪاظم علي پيرزاده جي لاعلمي کي ثابت ڪري ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.