ڪراچي/حيدرآباد/سکر ( رپورٽر/نمائندا) سنڌو مان ڪئنالن خلاف سنڌو درياءُ جي پلين تي ڌرڻا هنيا، راشد محمود سومري چيو ته جيڪڏهن ڪئنال ڪڍڻ جو فيصلو واپس نه ورتو ويو ته ڪراچي بندرگاهه مان هڪ ڪنٽينر به پنجاب طرف نه ويندو، بلاول پاڪستان کپي جلسو ڪرڻ بدران صدارتي هائوس مان ڪئنال رٿا رد ڪرائي. ڪئنال رٿائن خلاف جي يو آءِ پاران گڊو بئراج، سکر بئراج، لاڙڪاڻي، خيرپور پل، دادو مورو پل، آمري پل، ڄامشورو پل ۽ سجاول ٺٽي جي دولهه دريا خان پل وٽ هڪ ئي وقت ڌرڻا هنيا، جنهن ۾ هزارين ماڻهو شريڪ ٿيا. ڌرڻن سبب ٽريفڪ کي متبادل رستا ڏنا ويا پر تنهن هوندي به گاڏين جي اچ وڃ متاثر ٿي. مختلف هنڌن تي گاڏين جون قطارون بيهي رهيون. جي يو آءِ سنڌ جي سيڪريٽري جنرل علامه راشد محمود سومرو سکر بيراج تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته صوبن کي ڪمزور ڪري وفاق ڪيئن مضبوط ڪري سگھجي ٿو، هن چيو ته91 ٺاهه تحت جيڪو پاڻي ملڻو آھي ان جو به 55 سيڪڙو گھٽ پاڻي ملي رھيو آھي ته چولستان ڪئنال لاءِ پاڻي ڪٿان آڻيندا.ھن چيو ته ڀاءَ بلاول ڀُٽو زرداري صاحب وفاق جي خلاف بيان ڏيندي جيڪو ڳالھايو ان ۾ ھڪڙي ڳالھه بار بار دھرائي ته پاڪستان کپي، منھنجا ڀاءَ سنڌ جا 99 سيڪڙو قوم پرست به پاڪستان جي خلاف ناھن، پير سائين پاڳارو ۽ جمعيت علماءِ اسلام به پاڪستان جي خلاف ناھين پر اسلام آباد ۾ ويٺل حڪمرانن جي غلط فيصلن ملڪ کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آھي، اڄ خيبرپختونخواهه توھان کان بيزار آھي بلوچستان توھان کان بغاوت ٿو ڪري، سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آھي، بلاول صاحب پاڪستان کپي جو نعرو ھڻڻو اٿئو ته وڃي بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ ھڻي ڏيکاريو، بلاول صاحب احتجاج ڪرڻ مخالف ڌر جو ڪم آھي، توھان حڪومت ۾ آھيو، توھان وٽ صدارتي ھائوس آھي، جيڪڏهن توھان کان فيصلا نه ٿا ٿين ته پوءِ حڪومت کان الڳ ٿي اچي سنڌ جي عوام سان ويھو توھان جي ڳلي ۾ پھريون گلن جو ھار راشد محمود سومرو وجھندو. گڊو وٽ خطاب ڪندي راشد محمود چيو ته سنڌ جي پهرين بيراج گڊو وٽ ئي درياءَ ۾ پاڻي بدران واري پئي اڏامي، چولستان لاءِ پاڻي ڪٿان آڻيندا. هي ڪوڙ ٿا ڳالهائن ته ٻوڏ جي پاڻي مان هي ڪئنال وهايا ويندا. لاڙڪاڻي، خيرپور پل تي خطاب ڪندي راشد محمود سومرو چيو ته شرعي، عالمي اصول آهي ته پاڻي جو حق پڇڙي وارن جو آھي پوءِ به پنجاب سنڌ جي حقن جو خيال نٿو رکي ۽ ھو سنڌوءَ جو پاڻي ڏاڍ جبر سان روڪڻ ٿو چاھي ته پوءِ اسان وٽ سمنڊ آھي،ڪراچي جي بندرگاھ کان پنجاب جو ھڪڙو ڪنٽينر نه نه گذرندو. .جي يوآءِ جي مرڪزي اڳواڻ علامه ناصر محمود سومرو چيو ته اڄ ٿر جو اھو کوھ جنھن مان ٿر جا ماروئڙا پاڻي پيئندا ھئا اھو کارو ٿي چڪو آھي سنڌ جي پاڻي ۾ سينکيو ملي چڪو آھي سنڌ جو عوام ڪامڻ جھڙي موذي مرض ۾ مبتلا آھي، جر اڳ 70 فٽ تي لڳندو ھو ھاڻي 250 فٽ تي به پاڻي نه ٿو ملي، اھڙو گريٽر پنجاب جو منصوبو آھي ته پوءِ حڪمران ۽ ادارا ٻڌي ڇڏين ته سنڌ بغاوت جو جهنڊو کڻندي. مون کي ته حيرت انھن وڏيرن تي آھي جيڪي سوين ايڪڙ زمينن جا مالڪ آھن پوءِ به زرداري جي پٺيان ٿا ھلن، منھنجي جماعت جو مولوي ان کي ٻه جريب زمين نه ناھي پر سنڌ جي بقا لاءِ برسرِ احتجاج بڻيل آھي ان موقعي تي جي ڊي اي جي معظم علي عباسي، لاڙڪاڻي بار جي صدر ايڍوڪيٽ اطھر عباس سولنگي ۽ ٻين به خطاب ڪيو. دادو مورو پل تي خطاب ڪندي راشد محمود سومرو چيو ته سنڌ پاڪستان ٺاهڻ جي قرارداد منظور ڪندڙ واحد صوبو آهي، پر افسوس ته اڄ تائين سنڌ سان يتيمن وارو سلوڪ ڪيو ويو آهي. سنڌ اهو واحد صوبو آهي، جيڪو پاڪستان کي 70 سيڪڙو روينيو مهيا ڪري ٿو، باقي سڀئي صوبا سنڌ جي وسيلن تي پلجن ٿا، پر وري به سنڌ کي هميشه نظرانداز ڪيو ويو آهي. راشد سومرو اعلان ڪيو ته جيڪڏهن ڪئنالن بابت فيصلو واپس نه ورتو ويو ته سنڌ پنجاب بارڊر بند ڪيو ويندو. اسان درياھ سنڌ جي پلن تي احتجاج ڪري رهيا آهيون، جيڪو سنڌ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو احتجاج آهي. قاضي احمد، آمري پل تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي راشد محمود چيو ته سنڌ کي 91 ٺاهه تحت جيڪو پاڻي ملڻو آھي ان جو به 55 سيڪڙو گھٽ پاڻي ملي رھيو آھي ته چولستان ڪينال لاءِ پاڻي ڪٿان آڻيندا، ڄامشورو پل تي خطاب ڪندي راشد محمود سومرو ٻين تنظيمن سان گڏجي تحريڪ کي تيز ڪرڻ جو اعلان ڪندي نوٽيس نه وٺڻ جي صورت ۾ سنڌ پنجاب سرحد تي ڌرڻي جو چتاءُ ڏنو آهي. ڄامشورو ۾ تڪراري ڪئنالن خلاف جي يو آئي جي سڏ تي ڪوٽڙي بئراج وٽ هنيل ڌرڻي کي خطاب ڪندي ۽ صحافين سان ڳالهائيندي جي يو آئي سنڌ جي امير ڊاڪٽر راشد محمود سومرو چيو آهي ته حڪمرانن کي اڄوڪن جمعيت علماءِ اسلام جي ڌرڻن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، سنڌو درياهه تي ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهن، چورن کي سنڌو درياهه جو پاڻي چوري ڪرڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته ملڪ جون حالتون انتهائي خراب آهن، پاڪستان کي بچائڻو آهي ته سنڌ کي بچائڻو پوندو، سنڌ ڪمزور ته وفاق ڪمزور ٿيندو. هن چيو ته سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي صوبن جا حق کسي پاڪستان کي ڪمزور ڪيو پيو وڃي . جيڪي صوبن جا حق کسي صوبن کي ڪمزور ڪري پاڪستان کي ٽوڙڻ چاهن ٿا اهي اصل ۾ اهي ئي پاڪستان جا دشمن آهن، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۽ سنڌ کي حق ڏيو ته ڪير توهان کان ٻاهر وڃي باغي ٿيندو. سجاول ۾ به جمعيت علماءَ اسلام ضلعي سجاول پاران دولهھ درياءَ خان پل تي تاريخي ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي سالار عبدالزاق عابد لاکو، مولانا صالح، مولوي اشرف ميمڻ ۽ جسقم شھيد بشير خان سجاول جي اڳواڻڻ محمد خان پٺاڻ، منظور ميمڻ جي اڳواڻي ۾ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن شريڪ ٿيا. ڌرڻن کي مولانا عبدالقيوم ھاليجوي ،مفتي سعود افضل ھاليجوي، سيد ولي الله شاهه امروٽي، ڊاڪٽر اي جي انصاري ۽ ٻين خطاب ڪيو.