سنڌ ۾ ڪئنالن خلاف مزاحمت جي نئين تاريخ لکجي رهي آهي:ساڃاهه وند

حيدرآباد(رپورٽ: حسيب لطيفي) سنڌ جي ساڃاهه وندن، سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ کي رد ڪندي چيو آهي ته سنڌ وري مزاحمت جي نئين تاريخ لکڻ وڃي پئي، سنڌو درياهه جي لاءِ سنڌآخري حد تائين ويندي، حاڪم ڌرين کي اهو اندازو ئي نه هو ته سنڌ جا ماڻهو ڪيئن پنهنجي درياهه جي لاءِ نڪرندا، سنڌ ڪالهه ون يونٽ ٽوڙايو هو ۽ هاڻ وري سنڌو درياهه جي پاڻيءَ تي ڌاڙو هڻڻ جي لاءِ ڪينال ڪڍڻ جهڙن منصوبن کي رد ڪرائيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ سنڌ هاري ڪميٽي پاران نون ڪينالن ۽ زمين تي والار جي منصوبي ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف منعقد ڪيل “سنڌ ڪانفرنس” کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ ترقي پسند، قومپرست ڌرين، وڪيلن، سول سوسائٽي جي نمائندن، آبادگارن، پورهيت اڳواڻن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سنڌو درياهه بچايو تحريڪ جي ڪنوينر ۽ سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه خطاب ڪندي چيو ته ڪينالن جي ڪري نه رڳو زراعت نه رهندي، پر انسانن، جانورن، پکين ۽ جنگلي جيوت سان گڏ سڄي ماحوليات تباهه ٿي ويندي. هن چيو ته پي ڊي ايم جي گذريل پ پ ۽ (ن) ليگ جي گڏيل حڪومت ۾ آئين کان مٿاهون ايس آءِ ايف سي جي شڪل ۾ هڪ پيڪيج آيو، هاڻ ان ايس آءِ ايف سي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ موجوده حڪومت 26 هين ترميم آڻي عدليا کي ڪنٽرول ڪيو، پيڪا ايڪٽ آڻي اٿندڙ آوازن کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، هي سموريون ڪڙيون هڪٻئي سان جڙندڙ آهن، ايس آءِ ايف سي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان مٿاهون ادارو بڻجي سامهون آيو آهي. هن چيو ته ايس آءِ ايف سي کانپوءِ نه رڳو گڏيل مفادن واري ڪائونسل(سي سي آءِ) پر پارليامينٽ جي اهميت گهٽجي وئي آهي. ان ڪري اسان کي ايس آءِ ايف سي کي رد ڪرڻو پوندو، ڇو ته هاڻ اسان جا معدني وسيلا، درياهه، پاڻي، سمنڊ ۽ ڪوسٽل بيلٽ به ايس آءِ ايف سي جي پيڪيج ۾ مڪمل قبضي طرف وڃي رهيا آهن. هن چيو ته سسٽم ۾ پاڻي موجود ئي ناهي، ان ڪري اسان کي ڪينالن کي رد ڪرائڻ واري مطالبي سان گڏ ٻيا ڪي مطالبا نه جوڙيڻ گهرجن، منهنجي خيال ۾ اسان کي هن ئي مهيني ۾ وڏا فيصلا اتفاق راءِ سان ڪري اڳتي وڌڻو پوندو. هن چيو ته سڄي سنڌ جا ماڻهو بنا ڪنهن فرق جي پاڻمرادو روڊن تي نڪري احتجاجي تحريڪ ۾ شامل ٿي رهيا آهن. هن وقت صرف پاڻي جي معاملي کي ڏسڻ گهرجي، تنظيمن ۽ جماعتن جو الائينس ٺھڻ گهرجي. پاڻي جي تحريڪ ۾ تشدد جي عنصر کي الڳ ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته هاڻ ته اسٽيبلشمينٽ، پ پ ۽ (ن) ليگ سميت حڪمران ڌرين جي منصوبن جي ڪهاڻي کلي سامهون اچي چڪي آهي. ڪا به ڳالهه لڪل ناهي. پ پ شهيد ڀٽو جي اڳواڻ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو چيو ته سمنڊ ۽ درياهه کي هنن جدا ڪيو، جنهن سان ماحوليات تباهه ٿي وئي. سمنڊ ۽ درياهه کي جدا ڪرڻ وارو ڏوهه فطرت جي خلاف آهي. هن چيو ته مٿين کي اسان چئون پيا ته اسان کي پاڻي ڏيو. ڪالهه ڪربلا ۾ پاڻي بند ڪيو ويو، پر هاڻ سنڌ جو پاڻي بند ڪيو پيو وڃي. سنڌ جو سڄي سنڌو درياهه تي حق آهي ۽ ان حق تان سنڌ هٿ نه کڻندي، پاڻي اسان جي ضرورت آهي، سنڌو اسان جو آهي ان تي ڪو به سمجهوتو نه ڪنداسين. هن چيو ته آئون ته پيدائش کان وٺي ماڻهن کي چوندو آيو آهيان ته پيپلزپارٽي تي ڀروسو نه ڪريو، پيپلزپارٽي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو نالو بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن چيو ته ڊيم يا ڪينال ٺاهڻ جي ضرورت ناهي، اسان ڊيلٽا کي اوليت نه پيا ڏيون، اسان کي هر صورت ۾ سمنڊ کي پاڻي ڏيڻ گهرجي، هي هڪ سائنسي ۽ عقلي ڳالهه آهي. حڪمران سائنس جي خلاف وڃي رهيا آهن، ان ڪري پاڻي جو سسٽم تباهه ٿي ويو آهي. هن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍي سنڌ جو پاڻي بند ڪيو ويو ته اسان بندرگاهه به بند ڪري سگهون ٿا، توهان جيڪڏهن اسان کي پاڻي نه ڏيندا ته اسان توهان کي ناڻو ۽ بندرگاهه نه ڏينداسين. ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي چيو ته سنڌو درياهه جي تحفظ واري هي تحريڪ ضرور وڏا نتيجا ڏيندي، اسٽيبلشمينٽ مظلوم طبقن ۽ قومن کي وڌيڪ غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙڻ گهري ٿي، ان ڪري ڪينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جهڙن منصوبن جي سازش رٿي وئي آهي. هن چيو ته فطري طور تي سنڌو درياهه تي پهريون حق سنڌ جو آهي ۽ ڊيلٽا تائين پاڻي پهچڻ فطرت جو نظام آهي، حڪمرانن ۽ اسٽيبلشمينٽ جي پاڻي بابت غلط فيصلن جي ڪري سنڌ تمام گهڻو ڀوڳيو آهي، سنڌ جي حصي جو پاڻي چوري ٿئي پيو، سمنڊ لکين ايڪڙ زمينون ڳڙڪائي ويو آهي. سنڌ هاري ڪميٽي جي صدر پروفيسر مير منور ٽالپر چيو ته هٿ وٺي هارين ۽ آبادگارن کي تباهه ڪري انهن جي زمينن کي بنجر بڻائي سندن زمينن تي قبضي جي لاءِ رستو ٺاهيو پيو وڃي ته جيئن اهي زمينون اسٽيبلشمينٽ جي مخصوص ڪمپني حوالي ٿي وڃن. زمين تي والار بيٺڪيت جي نئين شڪل آهي. عوامي تحريڪ جي صدر وسند ٿري چيو ته جن ادارن جو ڪم چوڪيداري ڪرڻ هو انهن سڀ ڪاروبار ڪيا ۽ هاڻ وري هو زمينداري ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويا آهن، سنڌو درياهه مان ڪينال ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڪڍيا پيا وڃن. سنڌ کي 1991ع ٺاھ تحت به پاڻي نٿو ملي. هن چيو ته سنڌو درياهه تي اڏيل سمورا ڊيم ۽ ڪينال غير قانوني آهن، هاڻ وري 6 نوان ڪينال ڪنهن صورت ۾ قبول نه ڪنداسين. اهي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي لاءِ ٺاهيا پيا وڃن. هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ کي خبر هئي ته سندن ان سنڌ دشمن منصوبي کي سنڌ جا ماڻهو قبول نه ڪندا، ان ڪري هنن آصف زرداري کي سامهون آندو آهي. اسٽيبلشمينٽ سان جاگيردارن ۽ سردارن جون پارٽيون گڏ بيٺل آهن. ان ڪري اسان کي عوامي اتحاد کي سگهارو ڪرڻو پوندو ۽ اسان ضرور ڪامياب ٿينداسين. سينيئر قومپرست اڳواڻ حسين بخش ٿيٻو چيو ته سنڌ جا ماڻهو ان ڳالهه تي متفق آهن ته پنجاب سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا هڻندو پيو اچي. هاڻ پنجاب کي پاڻي چوري ڪرڻ نه ڏينداسين. 1991ع جي پاڻي ٺاهه جي ڀڃڪڙي ڪري پنجاب اڳ ئي ڊيم ۽ ڪينال ٺاهي ويٺو آهي. هن چيو ته زمينون کسڻ جي لاءِ ڳوٺن کي خالي ڪرڻ جا نوٽيس پيا ملن. ماڻهن کي بي گهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ بخشل ٿلهو چيو ته درياهه تي ڌاڙو، ايس آءِ ايف سي ۽ 26 هين آئيني ترميم هڪٻئي جي ڪڙي آهن. اسٽيبلشمينٽ بک جا چڪ پئي هڻي. هو هر صورت ۾ مظلوم قومن جي وسيلن ۽ زمينن کي ڦٻائڻ گهرن ٿا. هن چيو ته سنڌو درياهه جي لاءِ هلندڙ هي تحريڪ ايم آر ڊي جي تحريڪ کان به وڏي تحريڪ طور ڏسجي پئي. عوامي جمهوري پارٽي جي جنرل سيڪريٽري لال شاهه چيو ته سنڌ جو عوام اهو چوي پيو ته ڪنهن به صورت ۾ ڪينال قبول ناهن. اسٽيبلشمينٽ ايس آءِ ايف سي جهڙي اداري جي ذريعي ڦرڻ، لٽڻ ۽ قبضاگيري جا منصوبا ٺاهيا آهن. ملٽي نيشنل ڪمپنين کي زمينن ۽ وسيلن جو مالڪ بڻايو پيو وڃي. ملڪ کي قرضي ايس آءِ ايف سي ۾ ويٺل ڌرين ئي ڪيو آهي. گرين پاڪستان انيشيٽو جي نالي ۾ سرائيڪي وسيب ۽ سنڌ جون زمينون ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. نيشنل پارٽي سنڌ جي صدر تاج مري چيو ته سنڌ ڪنهن به ڪينال کي قبول نه ڪندي ڀلي اهو ڪينال سنڌ جي ڪنهن به علائقي ۾ ڇو نه نڪرندو هجي. هن چيو ته چولستان ڪينال حقيقت ۾ 80 لک ايڪڙ زمين آباد ڪندو، جيڪڏهن صرف اهو هڪ ڪينال ٺهيو ته سنڌ ۾ هڪ جريب به زمين آباد نه ٿيندي. پر پيئڻ جو پاڻي به نه رهندو. سنڌ ۾ هن وقت ماڻهو پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهن. هن چيو ته مون کي سنڌو درياهه جي تحفظ واري هي تحريڪ ايم آر ڊي جي تحريڪ کان وڏي تحريڪ لڳي پئي، سنڌ جو هر ماڻهو سنڌو درياهه جي لاءِ پريشان آهي. هي تحريڪ ون يونٽ مخالف تحريڪ جهڙي ٿيڻ طرف وڃي پئي، ڪالهه سنڌ ون يونٽ ٽوڙايو هو ۽ هاڻ وري سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جهڙن سنڌ دشمن منصوبن کي رد ڪرائيندي. هن چيو ته آصف زرداري ۽ شهباز شريف اسٽيبلشمينٽ جا مهرا آهن، ان ڪري اسان سڌو اسٽيبلشمينٽ کي ٻڌايون ته توهان جا منصوبا قبول ناهن، توهان کي پوئتي هٽڻو پوندو. سنڌ هاري ڪميٽي جي صدر ثمر حيدر جتوئي چيو ته سنڌو درياهه تي ڪينال سنڌ جي 7 ڪروڙ ماڻهن جي لاءِ ڊيٿ وارنٽ آهن، سنڌ جي هن زندگي ۽ موت واري مسئلي تي گڏيل جدوجهد جي ضرورت آهي. اسان سنڌو درياهه جي لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڌرين سان گڏ هونداسين. جيئي سنڌ محاذ جي وائيس چيئرمين امير چانڊيو چيو ته پرڏيهي ڪمپنين ۽ ادارن کي بنجر زمين ڏئي آباد ڪرڻ جي لاءِ سنڌ جي آباد زمينن کي بنجر بنائڻ جي سازش ٿي رهي آهي. ڪينال ڪڍڻ سنڌ جي ماڻهن کان زندگي ڦرڻ جي جي برابر آهن. پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي اڳواڻ ۽ نامياري صحافي اقبال ملاح چيو ته حيدرآباد پريس ڪلب هر دور ۾ انهن ماڻهن سان گڏ بيهندو آيو آهي، جيڪي مظلوم ۽ محڪوم آهن. هن چيو ته پاڻي ۽ ڌرتي جا فيصلا هنن اسيمبلين ۾ نٿا ٿي سگهن، اهو ممڪن ئي ناهي ته توهان 4 جاگيردار ۽ سردار ويهاري اسان جي زندگي ۽ موت جا فيصلا ڪريو. توهان جي فيصلن جي ڪري سنڌ ۾ ڪاوڙ جي انتها آهي، سنڌ جو ماڻهو توهان جي فيصلن کي قبول نٿو ڪري، جيڪڏهن اڃا به نئين سري قومن سان ڳالهيون نه ڪيون ويون ته اهو عمل ملڪ جي لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندو. ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري رحمان ڪورائي چيو ته سنڌ جون سياسي ڌريون سنڌو درياهه جي تحفظ جي لاءِ گڏ نظر اچي پيون. سڄي سنڌ بنا ڪنهن پارٽي فرق جي روڊن تي آهي، سنڌ ڪينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ کي رد ڪري چڪي آهي، پر اسٽيبلشمينٽ ڪينالن جو انگ اڃا وڌائڻ جي ڪوششن ۾ آهي. هن چيو ته 12 اپريل تي اسان ڪراچي ۾ آل پاڪستان ڪنوينشن ڪيون پيا، جنهن ۾ سڄي ملڪ جا وڪيل شريڪ ٿيندا ۽ ان ڪنوينشن ۾ اسان سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جهڙن منصوبن کي رد ڪنداسين. ڪراچي هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري مرزا سرفراز احمد چيو ته پاڻي جو مسئلو انتهائي گهڻو شديد ٿي ويو آهي. سڀني کي خبر آهي ته ڪينالن جو سودو ڪنهن ڪيو آهي. (ن) ليگ به چوي پئي ته صدر زرداري ڪينالن جي اجازت ڏني آهي. هن چيو ته چولستان کي آباد ڪرڻ جي لاءِ سرسبز صوبي سنڌ کي بنجر ڪرڻ ڪٿان جي عقلمندي آهي.پورهيت مزاحمت تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري نثار لغاري چيو ته سنڌ اندر ڪينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف تاريخي مزاحمت ۽ جدوجهد ٿي رهي آهي، هاڻ سنڌ جي ماڻهن کي گائيڊ لائين ملڻ جي ضرورت آهي. ڇو ته اسٽيبلشمينٽ پوئتي هٽندي نه نظر نه پئي اچي، هو هر صورت ۾ پنهنجا منصوبا مڙهڻ جي ڪوشش ڪن پيا. پي ٽي آءِ جي اڳواڻ فردوس شميم نقوي چيو ته ڪينال ڪنهن به صورت ۾ نه ٺهڻ گهرجي، اسان کي ڪو به اعتراض ناهي ته پنجاب جو پاڻي پنجاب ۾ استعمال ٿئي ٿو، پر سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي هر صورت ۾ ملڻ گهرجي. هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي زرداري ليگ بيوقوف ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.ايس ٽي پي جي اڳواڻ جان محمد جوڻيجو چيو ته ايس ٽي پي سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف احتجاج ڪندڙ سمورين ڌرين سان گڏجي جدوجهد ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. ايوان زراعت سنڌ اڳواڻ آبادگار مير عبدالڪريم ٽالپر چيو ته آبادگار تنظيمن جي گڏيل فورم جي پليٽ فارم تان آبادگار احتجاج ڪري رهيا آهن. پاڻي سنڌ جي جياپي جو معاملو آهي، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ نذير بليدي چيو ته پيپلزپارٽي حڪومت ملڻ جي بدلي ۾ سنڌ جون زمينون ۽ پاڻي ڏيندي آهي. ڪانفرنس ۾ قراردادون پاس ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ وارو فيصلو واپس وٺي سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي، سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ ادارن، فردن يا سرمائيدار ڪمپنين کي نه ڏنيون وڃن، وفاقي سرڪار گرين پاڪستان انيشيٽو منصوبو ختم ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.