بيداري مارچ جي وک وک تي شاندار آجيان،گل نڇاور

حيدرآباد: سنڌو درياءُ  بچايو تحريڪ جو سڪرنڊ کان صبح جو ساڍي 11 وڳي کان نڪتل بيداري مارچ رات جو 8 وڳي کانپوءِ  حيدرآباد شهر جي حدن ۾ داخل ٿيو ۽ 9 وڳي مارچ ۾ شامل هزارين ماڻهو حيدر چوڪ تي ٺاهيل جلسي عام جي پنڊال ۾ پهتو، سڪرنڊ کان حيدرآباد تائين مختلف شهرن، اسٽاپن، مک چوڪن ۽ چوراهن تي بيداري مارچ جو شاندار استقبال ڪيو ويو، قافلي مٿان گلن جي ورکا ڪئي وئي. نعرن جي گونج ۾ بيداري مارچ اڳتي وڌندو رهيو.

  • بيداري مارچ ۾راڳين قومي گيت ڳائي ماڻهن جو رت گرمايو

حيدرآباد: سنڌو درياءُ  بچايو تحريڪ جي بيداري مارچ ۽ جلسي عام ۾ راڳين قومي گيت ڳائي ماڻهن کي جهومايو ۽ قومي  ڪارڪنن، معصوم ٻارڙين ۽ ڪارڪنن قومي، انقلابي ۽ مزاحمتي شاعري پيش ڪئي، جڏهن ته لائوڊ اسپيڪرن تي هلندڙ سنڌو درياءُ  بابت قومي گيتن تي ڪارڪن جهومندا نعرا هڻندا رهيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.