بيداري مارچ ۾ وڏي انگ ۾ عورتون به شريڪ

حيدرآباد: سنڌو درياءُ  بچايو تحريڪ جي سڪرنڊ کان حيدرآباد تائين نڪتل بيداري مارچ ۾ وڏي انگ ۾ عورتون به شريڪ هيون،  ڪيترين ئي عورتن جي هنجن ۾ ٿڃ پياڪ معصوم ٻارڙا به هئا ۽ هو ڪينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ زمينن تي قبضي خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيون هيون.

  • سمورا فيصلا اتحادين جي مشاورت سان ٿيندا آهن: وزير اعظم

اسلام آباد( بيورو+م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سمورا فيصلا اتحادين جي گڏيل مشاورت سان ڪيا ويندا آهن، اتحادي حڪومت ۾ گڏيل مثالي اعتماد  وارو ماحول آهي، لاهور ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان سندس رهائشگاهه تي پارٽي اڳواڻن ملاقات ڪئي، جنهن ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خواجا سعد رفيق شامل هئا، وزيراعظم شهباز شريف پارٽي اڳواڻن سان ملڪي سياسي صورتحال تي مشاورت ڪئي ۽ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي طرفان واهه جي حوالي سان حڪومتي فيصلي تي بيان بازي ڪئي وئي، ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته حڪومت جي خاص خوبي اها آهي ته سمورا فيصلا اتحادين جي گڏيل مشاورت سان ڪيا ويندا آهن، اتحادي حڪومت ۾ گڏيل مثالي اعتماد وارو ماحول آهي، شهباز شريف وڌيڪ چيو ته اتحادي حڪومت ملڪي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ مڪمل اتحاد سان ڪم ڪري رهي آهي، وزيراعظم چيو ته ملڪي معيشت صحيح رخ تي گامزن آهي، مستقبل ۾ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويندا، بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي اتحادي حڪومت جي ڏينهن رات جي محنت جو نتيجو آهي.

  • بلاول ڀٽو زرداري وفاقي حڪومت ۾ برابر جو ڀائيوار آهي: بئريسٽر سيف

پشاور (م ڊ) خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر سيف چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري وفاقي حڪومت ۾ برابر جو ڀائيوار آهي. خيبر پختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار  بئريسٽر سيف چيو ته بلاول پنهنجي ڏاڏي جي ورسي تي به پي ٽي آءِ جي باني تي تنقيد ڪرڻ کان نه مڙيو. پي ٽي آءِ جي باني جي حڪومت ۾ دهشتگردي ختم ٿي چڪي هئي. بئريسٽر سيف اهو به چيو ته وفاقي حڪومت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ افغانستان سان ڳالهيون نه ڪري رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.