حيدرآباد: سنڌو درياءُ بچايو تحريڪ جو سڪرنڊ کان صبح جو ساڍي 11 وڳي کان نڪتل بيداري مارچ رات جو 8 وڳي کانپوءِ حيدرآباد شهر جي حدن ۾ داخل ٿيو ۽ 9 وڳي مارچ ۾ شامل هزارين ماڻهو حيدر چوڪ تي ٺاهيل جلسي عام جي پنڊال ۾ پهتو، سڪرنڊ کان حيدرآباد تائين مختلف شهرن، اسٽاپن، مک چوڪن ۽ چوراهن تي بيداري مارچ جو شاندار استقبال ڪيو ويو، قافلي مٿان گلن جي ورکا ڪئي وئي. نعرن جي گونج ۾ بيداري مارچ اڳتي وڌندو رهيو.
-
بيداري مارچ ۾راڳين قومي گيت ڳائي ماڻهن جو رت گرمايو
حيدرآباد: سنڌو درياءُ بچايو تحريڪ جي بيداري مارچ ۽ جلسي عام ۾ راڳين قومي گيت ڳائي ماڻهن کي جهومايو ۽ قومي ڪارڪنن، معصوم ٻارڙين ۽ ڪارڪنن قومي، انقلابي ۽ مزاحمتي شاعري پيش ڪئي، جڏهن ته لائوڊ اسپيڪرن تي هلندڙ سنڌو درياءُ بابت قومي گيتن تي ڪارڪن جهومندا نعرا هڻندا رهيا.