بلاول پاڪستان کپي چئي پنهنجي سي وي پيش ڪري ڇڏي

ڪراچي/حيدرآباد (امداد سومرو) پاکستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڳڙهي خدا بخش ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم کي  خبردار ڪيو آهي ته هو هڪ طرفا فيصلا نه ڪري، خاص طور تي سنڌ، خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان جي عوام جي ڳالهه ٻڌڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته جيڪڏهن اهڙي روش جاري رهي ته هو حڪومت سان نه پر عوام سان گڏ بيهندو. خطاب دوران بلاول ڀٽو بار بار پنهنجي سياسي موقف واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ تقرير جو وڏو حصو پنهنجي والد، صدر آصف علي زرداري بابت هيو. ان دوران عوام پاران تقرير کي بار بار روڪيو ويو، ۽ خاص طور تي ڪينالن جي منصوبن خلاف نعريبازي ڪئي وئي. ماڻهن چيو ته هو ڪينالن واري معاملي تي بلاول سان گڏ نه بيهندا. ن ليگ پاران پڻ بلاول جي بيان تي ردعمل ڏنو ويو. عظميٰ بخاري چيو ته ڪينالن جي منظوري صدر زرداري پاڻ لکت ۾ ڏني هئي، جيتوڻيڪ پارليامينٽ ۾ خطاب دوران ان تان پوئتي به هٽيو هو. خطاب دوران بلاول ڀٽو وزيراعظم جو نالو وٺي چيو: "هنن ماڻهن جو آواز ٻڌو، جيڪڏهن ڪينالن جو منصوبو واپس نه ورتو ويو ته اسان حمايت واپس وٺنداسين.” خطاب کان پوءِ ماڻهن ۾ اهو تاثر پيدا ٿيو ته بلاول پنهنجي تقرير ذريعي "پاڪستان کپي” جو نعرو هڻي پنهنجي سي وي پيش ڪري رهيو آهي، پر ان مان عوام مطمئن نظر نه آيو. ٻئي طرف، بلاول جي ڪزن ذوالفقار ڀٽو جونئر صدر زرداري تي تنقيد ڪندي چيو ته "سنڌو اسان جي ڪرنگهي جي هڏي آهي”.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.