ڪينالن جي منظوري صدر ڏني، بيان بازي سان مسئلو حل نه ٿيندو

لاهور(م ڊ) سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ ڪينالن جي معاملي تي اختلاف شدت اختيار ڪري ويا آهن ۽ ٻنهي صوبن جا وزير هڪ ٻئي خلاف سخت بيان ڏيڻ لڳا آهن. لاهور  ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير عظميٰ بخاري چيو ته صدر پاڪستان ڪينالن جي منظوري ڏئي چڪو آهي ۽ دستاويزن تي سندس دستخط به آهن.هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي اتحادي پارٽي آهي، اسان ان سان ڪا به ويڙهه نٿا چاهيون، رڳو بيان بازي سان ڪينالن جو مسئلو حل نٿو ٿي سگهي. عظمي بخاري دعويٰ ڪئي آهي ته چولستان ڪئنالز منصوبي تي سنڌ ۾ رڳو سياست ٿي رهي آهي. عظمي بخاري چيو ته بلاول جي ڳالهين جو جواب نٿي ڏيڻ چاهيان، ڪئنال رٿا جو حل جلسن يا ميڊيا تي بيان بازي مان نه نڪرندو.

  • صدر وٽ ايگزيڪيوٽو سمري جي منظوري جو اختيار ئي ناهي: سعديه جاويد

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏنو آهي. سعديه جاويد چيو آهي ته عظميٰ بخاري چيو ته صدر چئنلز جي منظوري ڏني، جنهن تي مون کي کل اچي وئي آهي. سعديه جاويد چيو ته عظميٰ  بخاري ٻڌائي ته صدر وٽ ڪهڙي ايگزيڪيوٽو سمري منظور ڪرڻ جو اختيار آهي.

  • نواز ليگ جا اٻوجهه ماڻهو آئين پڙهڻ بنا بيان پيا ڏين

ڪراچي (رپورٽر) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پيپلز پارٽي واضح لفظن ۾ چيو آهي ته پيپلز پارٽي عوام سان گڏ بيٺي آهي شهباز شريف سان نه، ن ليگ ۾ ڪجهه اٻوجهه ماڻهو آهن جيڪي آئين پڙهڻ بنا بيان ڏئي ڇڏيندا آهن. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته چار اپريل تي قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي ڳڙهي خدابخش ۾ ملهائي وئي. شهيد ڀٽو جي ورسي ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تاريخي خطاب ڪيو، موجوده ملڪي مسئلن تي روشني وڌي، سنڌ جي سڀ کان وڏي مسئلي ڪئنالن تي واضح پاليسي بيان ڏنو.هن چيو ته بلاول ڀٽو واضح لفظن ۾ چيو ته ڪئنال منظور ناهن، بلاول ڀٽو چيو ته اسان شهباز شريف سان گڏ نه عوام سان گڏ بيٺا آهيون، ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ ٺهڻ نه ڏينداسين، هينئر تائين پنجاب حڪومت واضح ناهي ڪري سگهي تي پاڻي ڪٿان ايندو. سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي ڪنهن به صورت ۾ ڪئنال ٺهڻ نه ڏيندي، پرڏيهي هٿ پاڪستان کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اسان ڪنهن به صورت ۾ ملڪ کي ڪمزور ٿيڻ نه ڏينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.