پرامن سياسي احتجاجن تي حملا سنڌ جي حق ۾ ناهن

رتوديرو(پ ر ) جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي مرڪزي پڌرائي ۾ ٺل واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي  ته پرامن احتجاج مٿان حملو ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي مفاد ۾ ناهي، تنهن ڪري ٺل واقعي جي مذمت ٿو ڪريان ۽ قوم کي سموري توانائي ڪينالن خلاف استعمال ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته 7 اپريل تي شهيد بشير خان قريشي جي 13 هين ورسي جي موقعي تي قومي جلسي ۾ سموري قوم کي شرڪت جي دعوت ڏيان ٿو، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي وڌيڪ چيو آهي ته سنڌو درياھ مٿان ڪو به ڪينال ۽ ڊيم قبول نه ڪنداسين، درياءُ کي بچائڻ لاءِ ست ڪروڙ سنڌين کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته سنڌو درياھ زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، تنهن ڪري درياھ کي بچائڻ لاءِ تاريخي جدوجهد جي ضرورت آهي، هن وڌيڪ چيو ته 7 اپريل تي شهيد بشير خان قريشي جي ورسي واري قومي جلسي ۾ سنڌو درياھ مٿان ٺهندڙ ڪينالن خلاف اهم اعلان ڪري ڪينالن واري جدوجهد کي تيز ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.