باڊھ، (ن ع آ) جيئي سنڌ قومي پارٽي جي اڳواڻي ۾، باڊھ ۾ تڪراري ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ نواز خان زنئور، محمد علي خشڪ، سسئي لوهار ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پنجاب سنڌو درياءُ تي تڪراري ڪئنال ٺاهي سرسبز سنڌ کي بنجر ڪرڻ جي سازش ڪري رهيو آهي. انهن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن اهو منصوبو فوري طور تي ختم نه ڪيو ويو، ته پنجاب ڏانهن وڃڻ وارا رستا بند ڪري ڇڏيا ويندا.