حيدرآباد/ھوسڙي (نمائندا / پ ر) قومي عوامي تحريڪ تعلقي لطيف آباد جي سڏ تي 6 ڪئنالن، سنڌو درياھ تي ڌاڙي ۽ ڪارپوريٽفارمنگ خلاف ھوسڙي ۾ بھار ڪالوني ۾ ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو. ريلي جي اڳواڻي نذير بليدي، بابو ميمڻ، راول سيال ۽ ٻين ڪئي. جڏھن سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون، نصرت خاصخيلي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا، ريلي ۾ سنڌو درياھ تي ڌاڙي، 6 نوان ڪئنال ٺاھڻ خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته وفاق ۽ پنجاب ھميشه سنڌ جي پاڻي تي راتاھا ھنيا آھن، سنڌ کي پھرين زبردستي ڌاڙو ھڻي کنيل پاڻي جو حساب ڏنو وڃي. جيستائين سسي ۾ ساھ آھي، درياھ تي ڪو به قاتل منصوبو جوڙڻ نه ڏينداسين.