ڪو به نئون ڪئنال نه پيو ٺهي، منصوبي کي منظور ٿيڻ نه ڏينداسين: مراد علي شاهه

سکر/روهڙي (رپورٽ: آزاد مهر/زين ڪٽپر) وڏي وزير مراد علي شاهه سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ سندس قربانين کي ساراهيو. هن چيو ته پيپلز پارٽي سنڌودرياھ تي نون ڪينالن جي منصوبي خلاف آهي ۽ ڪنهن صورت ۾ ان منصوبي کي منظور ٿيڻ نه ڏينداسين. وزيراعليٰ وڌيڪ چيو ته پنجاب حڪومت نون ڪينالز لاءِ 218 ارب رپين جي تجويز پيش ڪئي آهي، پر اسان ان منصوبي تي اعتراض ڪيو آهي ڇو ته ڪنهن صوبن جي رضامندي ناهي حاصل ڪئي وئي. وڏي وزير ارسا جي 17 جنوري 2024 واري فيصلي کي غلط قرار ڏنو ۽ چيو ته ان کي چئلينج ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ پاڻي جي صورتحال ڳنڀير آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ نون ڪينالن جو منصوبو ٺاهڻ ممڪن ناهي. هن چيو ته منصوبي بابت پ پ خلاف پروپيگينڊا ڪئي پئي وڃي، ڪئنالن تي هڪ رپيو به خرچ ناهي ڪيو ويو، سنڌ ۾ ڪو نئون ڪئنال نه پيو ٺهي، ميڊيا کي سمجهڻ گهرجي ته احتياط سان ڄاڻ ڏين جيئن غلط فهميون پيدا نه ٿين. صدر آصف علي زرداري ڪئنالن جي سمري تي صحيح ناهي ڪئي ۽ نه ئي منظوري ڏني آهي. وڏي وزير شڪارپور ۽ ڪشمور ۾ جاري پوليس آپريشنز بابت پڻ ٻڌايو ته جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. وزيراعليٰ سنڌ ان موقعي تي صحافي لالا اسد پٺاڻ جي رهائشگاهه تي مهمانن سان ملاقات ڪئي، جتي سنڌ جي مختلف ترقياتي ۽ سياسي معاملن تي تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي وئي. ان موقعي تي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، مڪيش ڪمار چاولا، امداد پتافي، نعمان اسلام شيخ ۽ بيئرسٽر ارسلان اسلام شيخ پڻ موجود هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.