عيد کان اڳ بلوچستان نيشنل پارٽي جي لانگ مارچ وٽ ٿيل آپگهاتي ڌماڪي ۽ ملڪ اندر وڌيل دهشتگردي ۽ سياسي گرمي واري صورتحال تي ڳڻتي وڌائي ڇڏي آهي. شڪر ٿيو جو ان آپگهاتي ڌماڪي ۾ ٻيو ڪو جاني نقصان نه ٿيو ۽ بي اين پي جو سربراهه اختر مينگل بچي ويو پر اهڙي ڌماڪي سان ڪو وڏو نقصان به ٿي پئي سگهيو. پر خوش قسمتي سان اهو ڌماڪو ڌرڻي کان ڪجهه مفاصلي تي ٿيو. پوليس جو چوڻ آهي ته تلاشي وٺڻ دوران شڪي شخص پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو.
ان واقعي جي ردعمل ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي جي اڳواڻ اختر مينگل چيو ته اسان کي ڪنهن تنظيم کان ڪو خطرو ناهي پر سرڪار کان خطرو آهي. هن انڪشاف ڪيو ته هڪ رات ڌرڻي تي بڪتر بند گاڏي چاڙهڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي وئي هئي ۽ ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن تي شيلنگ پڻ ڪئي وئي هئي. هن چيو ته حڪومت ڄاڻي واڻي حالتون خراب ڪرڻ چاهي ٿي پر اسان جو پرامن احتجاج جاري رهندو. جيڪڏهن حالتون خراب ٿيون ته ان جي ذميوار حڪومت هوندي. هن چيو ته اهو آپگهاتي حملو اصل اسان کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش آهي پر اسان لاءِ اهڙيون حرڪتون ڪي نيون ناهن. هن چيو ته پيغام ڏنو پيو وڃي ته وچ وارو رستو ڪڍو ۽ اسان جو جواب آهي ته وچون رستو گرفتار بلوچ عورتن جي آزادي آهي. اوهان انهن کي آزاد ڪيو ته مان هاڻي ئي ڌرڻو ختم ڪريان ٿو. اختر مينگل اهو به حڪومت تي الزام لڳايو ته آپگهاتي حملي کانپوءِ اسان سان ضلعي سطح تي ڪو رابطو نه ڪيو ويو ته خيريت سان آهيو يا نه، نقصان ته نه ٿيو، نه ئي جاءِ واردات تي ڪا ايمبولينس موڪلي وئي. مطلب ته حڪومت پنهنجي ذميواري ادا نه ڪئي.
اسان جو ته هميشه کان اهو خيال رهيو آهي ته هن ملڪ کي آئين ۽ قانون توڙي جمهوري روح پٽاندڙ هلائڻ گهرجي. هن وقت ملڪ جا جيڪي به سياسي مسئلا ۽ بحران آهن تن جو پڻ بنياد اهوئي آهي وري ائين به ٿيندو آهي ته هڪڙي پاليسي تحت اوهان 25 سال ملڪ کي هلائي ڏٺو ته وري ٻين 25 سالن لاءِ وري ڪا ٻي پاليسي اختيار ڪري ڏسجي پر اسان وٽ شروع کان ئي ”طاقت“ سان رياست ۽ ملڪ هلائڻ جي پاليسي اختيار ڪئي وئي. ننڍن صوبن ۽ قومن کي به شروع کان ئي اها شڪايت رهي ته سندن حقن جو خيال نٿو ڪيو وڃي، سندن استحصال ٿي رهيو آهي ۽ ملڪ اندر رڳو هڪ وڏي صوبي جي مفادن جو خيال ڪيو وڃي ٿو. ننڍي صوبي ۽ قومن جو اهو خيال هوندو آهي ته هڪ وڏي صوبي جي مفاد جي ڳالهه هوندي ته چيو ويندو ته وفاق جي مفاد ۾ آهي پر جيڪڏهن ننڍن صوبن جا حق گهربا ته چيو ويندو آهي ته صوبائي سوچ اختيار ڪئي ٿي وڃي.
چوڻ جو مطلب ته ان پاليسي تحت هن ملڪ کي سڄي ڄمار هلايو ويو جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته هر دور ۾ چيو ويو ته ملڪ نازڪ دور مان گذري رهيو آهي. چوڻ وارا ته اهو به چوندا آهن ته هر دور ۾ ملڪ نازڪ حالتن ۾ گذري رهيو آهي واري جملي جو مقصد اهو ئي هوندو آهي ته رياست کي طاقت سان هلائجي پر ملڪي تاريخ ثابت ڪيو آهي ته ان پاليسيءَ ملڪ کي تباهه ڪيو آهي ۽ اڄ هڪ ئي وقت ٽي صوبا بلوچستان، خيبرپختون خواهه ۽ سنڌ وفاقي حڪومت جي خلاف آهن. ايستائين جو پ پ جيڪا موجوده وفاقي حڪومت جي اتحادي سان به ڪئنالن، مالي وسيلن تي وفاق کان خوش ناهي سو وفاقي کي فوري طور تي پنهنجي پاليسي تبديل ڪرڻ گهرجي.
اسان کي اهو ڏسي به حيرت ٿي رهي آهي ته دهشتگردن سان سختي سان منهن ڏيڻ جون ڳالهيون ۽ دعوائون ته ٿي رهيون آهن پر ڪارروائي وري سياسي جماعتن ۽ سياسي ڌرين خلاف ٿي رهي آهي. جيئن تازو بلوچ يڪجهتي ڪاميٽي جي اڳواڻن ۽ ڊاڪٽر ماهه رنگ ۽ سيمي بلوچ سميت ڪيترن ئي بلوچ عورتن کي سکڻو احتجاج ڪرڻ تي گرفتار ڪري گم ڪيو ويو آهي. اهي سياسي ڌريون ۽ شخصيتون دهشتگرد ته ناهن، اهي ته ملڪي سيٽ اپ ۾ رهندي سياسي جدوجهد ڪري رهيا آهن پر کين اهو احساس آهي ته جيئن ته اسان جو تعلق بلوچستان سان آهي۽ بلوچن جي حقن جي ڳالهه ڪريون ٿا تنهن ڪري اسان سان دشمن وارو ورتاءُ ٿي رهيو آهي. اختر مينگل کي ئي ڏسجي ته اهو پرامن احتجاج ڪري رهيو آهي پر سندس پرامن احتجاج به برداشت نه ٿو ٿئي ۽ مٿس آپگهاتي حملي جي سازش ٿي جيڪا خوش قسمتي سان ناڪام بڻائي وئي.
سو حڪومت جيڪڏهن چاهي ته اها ڳالهين ذريعي ۽ جائز حق مڃي ڪري به ملڪ کي خراب حالتن مان ڪڍي سگهي ٿي. اختر مينگل جو مطالبو رڳو اهو آهي ته بلوچ عورتن کي گهٽ ۾ گهٽ آزاد ڪيو وڃي. اهو اهڙو ڏکيو مطالبو ته ناهي جنهن تي عمل نه ڪري سگهجي پر افسوس ته هتي دهشتگردن جي نالي ۾ حڪومت جي پاليسين جي خلاف جدوجهد ڪندڙ سياسي جماعتن ۽ ڌرين کي ئي غير ضروري طور تي نشانو بڻايو وڃي ٿو ۽ هوڏانهن دهشتگردن جو اهو عالم آهي جو اهي جڏهن ۽ جتي چاهين ته ڪابه ننڍي وڏي ڪارروائي ڪري ڇڏين ٿا، جنهن مان لڳي ٿو ته دهشتگردن جي نيٽ ورڪ خلاف سختي گهٽ پر سياسي جماعتن تي مارو ڪجهه سرس ئي آهي جنهن ڪري ملڪي حالتون خراب کان خراب ئي ٿي رهيون آهن.