ڪئنالن خلاف قومي شاهراهه ۽ انڊس هاءِ ويز تي جسم جا ڌرڻا، پنجاب ويندڙ رستا بند

مورو/ نصير آباد / ڄامشورو(نمائندا/ پ ر) جيئي سنڌ محاذ جي سڏ تي سنڌو مان ڇھه غير قانوني ڪئنال ڪڍڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ گم ٿيل قومي ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ نيشنل هاءِ وي مورو، انڊس هاءِ وي ڄامشورو ۽ نصير آباد وٽ ڌرڻا هڻي پنجاب ويندڙ رستا بند ڪيا ويا، ان ڏس ۾مورو جي نمائندي جاني مورائي  موجب مورو ۾ قومي شاھراھ تي جيئي سنڌ محاذ جي ڏنل سڏ تي ڌرڻو ھنيو ويو، جنھن جي اڳواڻي جسم چيئرمين رياض چانڊيو، وائيس چيئرمين نواز شاھ ڀاڏائي، جسقم بشير خان قريشي جي چيف آرگنائيزر ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنھل ساريو، دادو عوامي فورم اڳواڻ عاشق حسين زنئور، ابرار مورائي، لطيف راشد شاھ، امتياز کوسو ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا، جتي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جا ماڻھو ڪڏھن به ڪئنال ٺاھڻ نه ڏيندا نه وري سنڌ جي سر زمين جو سودو ٿيڻ ڏيندا، عوام سجاڳ ٿي چڪي آھي، ھاڻي حڪمران ھوڏ تان ھٽي وڃن، ڪئنالن وارو فيصلو واپس ورتو وڃي ۽ سودو ڪندڙن کي گھر ڀيڙو ڪيو وڃي، ڌرڻي دوران کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزاديءَ جو پڻ مطالبو ڪيو ويو، ڌرڻو 2 ڪلاڪ جاري رھيو جنھن ۾ مختلف شھرن کان قافلن جي صورت ۾ جيئي سنڌ محاذ سميت قومپرست پارٽين جي اڳواڻن ڪارڪنن شرڪت ڪئي، ڌرڻي سبب ٻنھي پاسي ٽرئفڪ معطل رھي، ٻئي طرف نصيرآباد انڊس ھاءِ وي تي سينيئر وائيس چيئرمين عزيزالله ڀٽو، جنرل سيڪريٽري غفارميرجت، ڊپٽي سيڪريٽري ذوالفقار بليدي، حبدار ميرجت، راهول چولياڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو، اڳواڻن چيو ته ڪارڪن درياهه ۽ زمينون بچائڻ لاءِ پُرامن احتجاج ڪن ٿا ته انهن کي جبري طور کنڀي گم ڪيو وڃي ٿو، امتاز ڀٽي ۽ ساگر ملاح ڪيترن ئي ڏينهن کان کنڀي گم ڪيا ويا آھن، انهن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي، هوڏانهن ڄامشورو ۾ مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري پنهل جمالي، عرفان سومرو، اڪبر چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.