گذريل ڪيترن ئي سالن وانگر، ڀٽو صاحب جو روح ھن 4 اپريل تي شايد اھو سوچي سوچي بيچين هجي، ته هي سال بھ سال ڪھڙا نوان چهرا آهن جيڪي منھنجو نالو وٺندي، منهنجي ٺاهيل جهنڊي کي جهلي، انڪري حاضري ڀرڻ جي تڪليف کڻندا آهن ته جيئن اعليٰ قيادت ڳڻي سگھي تھ اسان اتي موجود آھيون.انهن مان ڪيترا آھن جيڪي پارٽي جي تاريخ ۽ بنيادي منشور کان واقف آهن؟ ڪڏھن چترال کان مڪران تائين پکڙيل هزارين مستانا ڪيڏانھن ويا جيڪي يا پيادل يا سوزوڪين ۽ ٽرالين ۾ سٿجي ڳڙهي خدا بخش پهچندا هئا ؟ ڪو اهڙو چهرو جنھن کي ُڀٽو سڃاڻي وٺي ؟
ڇا اھو مانوس اجنبي سياسي پس منظر جا آھن يا اهي ‘جمهوريت اسان جي سياست آهي’ جي نعري جي بدران ‘معيشت اسان جي سياست آهي’ تي يقين رکن ٿا ؟ ڇا اهي جيئرن جي بھ خبرگيري ڪن ٿا يا اهي صرف مزار جا گل چونڊڻ ايندا آهن ؟ 4 اپريل تي ڀٽو کي ويگوز ۽ ايس يو ويز ۾ ٽپندڙ هٿياربند محافظن جي گھيري ۾ روان دوان ڪڙڪڙائيندا بافتي وارا سفيد پوش ئي گھڻا ڇو ڏسڻ ۾ ايندا آھن.پارٽي جا مِٽي ۾ چنبڙيل چپل پاتل ووٽ بينڪ ڪٿي آھي ؟
تھ ڇا چاراپريل 1979 کان پوءِ غربت ختم ٿي وئي يا غريب ختم ٿي ويا ؟ يا مٽيءَ ھاڻا مجنون انڪري نٿا اچي سگهن ڇاڪاڻ ته انهن جي کيسي ۾ ڀاڙو ئي ناهي. 4 اپريل جي ختم ٿيندڙ افسوس واري ثقافت کي جي ڇڏي ڏيون ته شپ شپ پارٽي جي موجوده صورتحال ايتري خراب پڻ ناهي.
بلوچستان ۾ وڏو وزير پيپلز پارٽي جو آهي، پر اتي پيپلز پارٽي جي حڪومت بھ آهي؟ پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جا گورنر پيپلز پارٽي جا آهن. اوھان مان ڪيترن ئي انھن جو پورو نالو معلوم آھي ؟ سينيٽ جي سربراھي به پيپلز پارٽي جي هٿ ۾ آهي. ڇا سينيٽ جا معاملا ۽ سينيٽ چيئرمين جي رٽ به هٿ ۾ آهي؟ ايوان صدر پڻ پيپلز پارٽي کي الاٽ آهي. پر موجوده صدر ذي وقار صدر ايترو ئي بااختيار آھي، جيترو 2008 کان 2013 تائين پنجن سالن ۾ هو ؟ ڇا ڀٽو صاحب ۽ بي نظير صاحبه وانگر، قدر صاحب کي بھ ھڪ ھڪ ڪاعذ باريڪ بيني سان پڙھي ڪري صحيح ڪرڻ جو اختيار آهي؟ جيڪڏهن آھي تھ ڪڏھن ڪڏهن استعمال ٿيندو آهي؟ واقعي ھن پيپلز پارٽي جو عوام جي نبض تي ايترو ئي ھٿ آهي، جيترو 27 ڊسمبر 2007 تائين هو، پوءِ ان جي ڳڙھ (سنڌ) جو روايتي ووٽ بينڪ ايترو اتاولو ڇو آهي؟ ڇا اڳ ڪڏهن اهڙو وقت آيو آهي جڏهن پارٽي قيادت کي قسم کڻي جيالن کي يقين ڏيارڻو پئي تھ جيڪو توهان چاهيو ٿا اهو ئي اسان به چاهيون ٿا. توهان کي ڪينال نھ کپن تھ ڀاڙ ۾ وڃن.ڇھن جا ڇهه ئي ڪينال.
منهنجي عمر جي ماڻھن کي ياد آهي جڏهن ڀٽو صاحب 1972ع ۾ ڪراچي جي نشتر پارڪ ۾ مڇريل ميڙاڪي کان پڇيو تھ ” توهان کي بنگلاديش منظور آهي؟” ميڙ بلند آواز ۾ چيو ..نامنظور.
ڀٽو صاحب زيرڪ ماڻهو هو. هن ٻھ منٽ ميڙ جي مزاج کي توريو ۽ چيو تھ ٺيڪ آھي.منظور نھ آھي تھ نھ سھي. جھنم ۾ وڃن. ۽ پوءِ ٻن سالن کان پوءِ اسلامي سربراهي ڪانفرنس جي اسٽيج تان جڏھن بنگلاديش جي منظوري جو اعلان ٿيو ته انهن ئي ووٽرن ان اعلان جي آجيان ڪئي. پر اھو ڀٽو هو.ڪارڪنن ۽ ووٽرن کي اعتماد ھو تھ ڀلي ڪيترا بھ ڪڙا فيصلا ڪري وٺي،پر اسان کي گهٽ ۾ گهٽ واهه جي ڪناري تي آڻي۽ ڪڏهن ڪنھن خرڪار وٽ نھ وڪڻندو. ڇا اڄ جي قيادت تي بھ جيالن کي مڪمل ڇڏيو پر اڌ ڀروسو آهي ته اها گهٽ ۾ گهٽ بنيادي عوامي مفادن جو سودو نه ڪندي؟
پيڪا جي ترميمي قانون کي پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن مان آساني سان منظور ڪرائڻ ۾ مدد ڪرڻ کان پوءِ، سنڌ سميت هر هنڌ صحافين ۽ يوٽيوبرز خلاف ڪيس داخل ٿين پيا، پر پيپلز پارٽي جي ٻئي صف جي قيادت ۽ پارليامينٽ جا ميمبر،پيڪا قانونن کي دستور موجب فاشزم جو مظهر قرار ڏئي رهيا آهن. سول سوسائٽي، انساني حقن جون تنظيمون، ۽ صحافي جي سمجھ ۾ اھو ئي نھ پيو اچي تھ ان ناٽڪڙي تي کِلن يا روئن. عالم اھو آھي تھ بلوچستان جو ڳچيءَ ۾ پيل دھل ڀاڙي جي ڏونڪن سان وڄائڻو پئجي رھيو آھي.
سنڌ جو ووٽر ان ٻڏتر ۾ ڦاٿل پيو آهي صدر مملڪت گذريل سال پھرين تھ 8 جولاءِ تي زراعت ۾ خود ڪفالت جي دعويدار ‘سرسبز پاڪستان’ منصوبي جي بريفنگ تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان رٿا جي بنياد ڇھ ڪينالي سسٽم کي تيزي سان مڪمل ڪرڻ جي تلقين ڪئي. ۽ پوءِ ساڳئي صدر پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي، اهم فيصلن ۾ عدم شراڪت ۽ سمورن وفاقي يونٽن کي اعتماد ۾ نھ وٺڻ جي شڪايت ڪئي. ماڻھوءَ ان مان ڪھڙي ڳالھ تي يقين ڪري؟
سنڌ ۾ پيپلز پارٽي لاءِ ڪا اطمينان جوڳي اميد آهي ته بس اها تھ ان جا مخالف اڪثر اهي آهن جيڪي پنھنجي ٻل تي ڪائونسلر جي چونڊ به نٿا کٽي سگهن. پر هن ملڪ يا ڪنهن صوبي ۾ اقتدار جي ادلي بدلي جي گيم ۾ سيٽن جو گھٽ وڌ تعداد ڪڏهن رڪاوٽ بڻجي ؟ مون کي سنڌ جي وڏي وزير جو اھو چوڻ چڱو لڳو تھ وزيراعظم شهباز شريف ڪينالن جي تعمير جي منسوخي جو اعلان ڪري. جيتوڻيڪ وڏي وزير کي چڱي ريت معلوم آھي تھ جنھن کان اھو مطالبو ڪري رھيو آھي. اهو بھ اھم فيصلھ سازي ۾ ايترو ئي بااختيار آهي جيترو خود مراد علي شاهه. بلڪه، ايئن چوڻ گهرجي ته هن وقت وفاق پاڪستان ۾ شهباز شريف کي ملائي ڪري پنج وڏا وزير آھن ۽ سڀ جا سڀ ”برابر جا “ بي اختيار آهن. ان تي سھاڳو ھي آھي تھ پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت هر هفتي ڪنھن نھ ڪنھن پارليامينٽ جي رڪن اهو چوڻ لاءِ اڳيان ڪري ڇڏيندي آھي تھ جيڪڏهن معاملا ائين هڪ طرفا ھلندا رھيا تھ اسان پنهنجا رستا الڳ ڪري وٺنداسين، پر اهو ٿيندو ڪيئن ؟ جيڪڏهن اهو گمان آھي تھ توهان پنھنجي مرضي سان موجوده هائبرڊ ڍانچي مان ٻاھر نڪري ويندا، ته پوءِ اهو فيصلو بھ انهن جي رضامندي کان سواءِ ڪيئن ممڪن آهي جن توهان کي موجوده سيٽ اپ جو ٿنڀ بڻايو آھي. خودمختيار سياسي فيصلا تڏهن ئي ممڪن آهن جڏهن وھاڻي ۾ فارم 47 جي بدران ووٽ ڀريل ھجن. پر مسلسل عوامي سياست في زمانو خساري جو ڪاروبار آهي. ۽ هي راز مسلم ليگ (ن) کان بهتر ڪير ڄاڻي ٿو ته ڪنھن پوليٽيڪل انڊسٽريل اسٽريٽجڪ ڪارٽيل جو حصو بڻجڻ کان پوءِ، سياسي لميٽيڊ ڪمپني پنهنجي بنيادي شيئر ھولڊرز کان سواءِ ڪنهن ڏانھن به جوابده ناهي رھندي. موجوده پيپلز پارٽي جو بھ اھو ئي بزنيس ماڊل آهي.