ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف پاليسي ۽ ان ٽيڪس جو آمريڪي معيشت تي اثر

پرڏيهي ملڪن کان آمريڪا ۾ ايندڙ شين تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ ٽرمپ جي اقتصادي ويزن جو مرڪزي حصو آهي. صدر ٽرمپ هن ٽيڪس کي آمريڪي معيشت کي وڌائڻ، آمريڪي نوڪرين جي حفاظت ۽ ٽيڪسن ذريعي آمريڪي آمدني وڌائڻ جي هڪ طريقي طور ڏسي ٿو. چونڊ مهم دوران، خطاب ڪندي آمريڪي شھرين کي چيو ھو تھ هن ٽيڪس جي قيمت توھان کي نھ پر ٻين ملڪن کي ادا ڪرڻي پوندي.جڏهن تھ دنيا جي گھڻ ئي ماهرن ذڪر ڪيل ٽيڪس بابت ڪيل دعوا کي گمراهه ڪندڙ قرار ڏنو آهي.

ٽرمپ انتظاميا ڪينيڊا ۽ ميڪسيڪو کان درآمد ٿيندڙ شين تي 25 سيڪڙو ٽيرف (ٽيڪس) جو اعلان ڪيو، جواب ۾ ڪينيڊا پڻ آمريڪي شين تي ساڳئي شرح سان ٽيڪس لاڳو ڪيو آهي.

ڪينيڊا جي 106 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي آمريڪي شين تي 25 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي فيصلي جي جواب ۾ صدر ٽرمپ چيو ته جيڪڏهن ڪينيڊا جوابي ڪارروائي ڪئي ته هو ڪينيڊين شين تي ٽيرف وڌيڪ وڌائي سگهي ٿو.

ميڪسيڪو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ان الزام کي سختي سان رد ڪيو ته ميڪسيڪو حڪومت منشيات جي اسمگلرن کي "محفوظ پناهه گاهون” فراهم ڪري ٿي.چين اعلان ڪيو آهي ته هو ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن (ڊبليو ٽي او) ۾ آمريڪا خلاف ڪيس داخل ڪندو ۽ جوابي قدم کڻندو. چيني ترجمان جو چوڻ ھو تھ ٽيرف جي جنگ ۾ ڪو به نه کٽندو آهي.

ٽيرف هڪ اندروني ٽيڪس آهي جيڪو ٻاهرين ملڪن مان آمريڪا ۾ درآمد ٿيندڙ سامان تي لاڳو ڪيو ويندو آهي. ۽ اهو درآمد جي قيمت جي تناسب سان لڳندو آهي.تنهن ڪري، 50 ھزار ڊالر جي ڪار تي آمريڪا ۾ درآمد ڪرڻ تي 25 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو ويندو، مطلب ته اهڙي ڪار تي 12,ھزار 500 ڊالر جو ٽيڪس لڳندو.

اھا رقم ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپني کي ادا ڪرڻي ھوندي آھي جيڪا اھو سامان گھرائي ٿي. ان کي ادا نھ ڪرڻ گھرجي جيڪا اھي شيون ٻاھر موڪلي ٿي. انهيءَ لحاظ کان، اهو سڌو ٽيڪس آهي جيڪو مقامي آمريڪي ڪمپنيون آمريڪي حڪومت کي ادا ڪنديون آهن.

2023 دوران آمريڪا سڄي دنيا مان تقريبن 3.1 ٽريلين ڊالر جون شيون درآمد ڪيون، جيڪي آمريڪي جي ڊي پي جي لڳ ڀڳ 11 سيڪڙو جي برابر آهن ۽ آمريڪي حڪومت ان عرصي دوران انهن درآمدن تي 80 ارب ڊالر ٽيرف ڪمايو، جيڪو ڪل آمريڪي ٽيڪس آمدني جو لڳ ڀڳ ٻه سيڪڙو آهي. تنهن ڪري سوال اهو آهي ته ان قسم جي ٽيڪس يا ٽيرف جو ‘معاشي’ بار ڪنھن تي پوندو اھو پيچيده سوال آهي.

جيڪڏهن ٻاهرين ملڪن مان شيون درآمد ڪندڙ ڪمپنيون نئون ٽيڪس انهن صارفين تي منتقل ڪن ٿيون جيڪي اهي شيون خريد ڪن ٿا، ته ان سان آمريڪي صارفين کي ان جو نقصان برداشت ڪرڻو پوندو.

۽ جيڪڏهن آمريڪي درآمد ڪندڙ ڪمپنيون هي نئون اضافي ٽيڪس پاڻ برداشت ڪنديون ته ان جي نتيجي ۾ ڪمپنين لاءِ منافعو گهٽ ٿيندو.

ٽي صورت اھا ٿي سگهي ٿي ته غيرملڪي برآمد ڪندڙ پنهنجن آمريڪي گراهڪن کي برقرار رکڻ لاءِ پنهنجي سامان جون قيمتون گهٽائين ٿيون،تھ ان صورت ۾ برآمد ڪندڙ فرم کي گهٽ منافعي جي صورت ۾ ان ٽيڪس جو معاشي بار برداشت ڪرڻو پوندو.اهي ٽئي صورتون ممڪن آهن.

اڳوڻي ٽرمپ انتظاميه 2017 ۽ 2020 جي وچ ۾ برآمد ٿيل شين تي لاڳو ڪيل اضافي ٽيڪسن جي اثر جو جائزو وٺڻ سان واضح آهي ته انهن قدمن جي نتيجي ۾ معاشي بار جو وڏو حصو آمريڪي صارفين يا عام آمريڪين، برداشت ڪيو.

ان سان واپاري خساري ۾ اضافو ٿيندو ؟ ٽرمپ آمريڪا جي واپاري خساري تي تنقيد ڪئي آهي. اهو ملڪ جي درآمد ڪيل سڀني شين جي قيمت ۽ هڪ سال ۾ ان جي برآمدات جي قيمت جي وچ ۾ فرق آهي.هن چيو ته واپاري خساري معيشت کي متاثر ڪيو آهي.

2016 ۾ ٽرمپ جي اقتدار سنڀالڻ کان اڳ آمريڪي جي ڊي پي جو لڳ ڀڳ 2.5 سيڪڙو هو. 2020 تائين، اهو وڌي ڊي پي جو لڳ ڀڳ ٽي سيڪڙو ٿي ويوهو.

 ماهرن مطابق ٽرمپ پاران لاڳو ڪيل ٽيرف آمريڪي ڊالر جي عالمي قيمت ۾ اضافو ڪيو (يعني، عالمي واپار ۾ پرڏيهي ڪرنسي جي طلب کي خودڪار طريقي سان گهٽائي ڇڏيو) ۽ ان آمريڪي برآمد ڪندڙن جي شين کي عالمي سطح تي گهٽ مقابلي وارو بڻائي ڇڏيو.

هڪ ٻيو عنصر عالمي معيشت ۾ ملٽي نيشنل ڪمپنين سان گڏ ٽيرف کي ڪڏهن ڪڏهن نظرانداز ڪري سگهجي ٿو. ٽرمپ انتظاميه 2018 ۾ چين کان درآمد ٿيندڙ سولر پينلز تي 30 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو.آمريڪي واپار واري کاتي 2023 ۾ ثبوت پيش ڪيا ته چيني سولر پينل ٺاهيندڙن پنهنجا اسيمبلي آپريشن ملائيشيا، ٿائيلينڊ، ڪمبوڊيا ۽ ويٽنام جهڙن ملڪن ڏانهن منتقل ڪيا هئا ۽ پوءِ انهن ملڪن مان تيار ٿيل شيون آمريڪا ڏانهن موڪليون هيون.

ڪجهه معاشي ماهر آمريڪي صنعت کي هٿي ڏيڻ جي قدم طور ٽرمپ جي ٽيرف منصوبن جي حمايت ڪن ٿا.پر اھي ٿورائي ۾ آھن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.